صوفي فنڪار ڳڄ عرصو بيمار رهڻ بعد فوت ٿي ويو

جروار (ن سنڌيار) جروار ۾ صوفي فنڪار يوسف فقير گهڻو عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو . راڳ جي فن کي 40 سال ارپيندڙ صوفي فنڪار ۽شاعر “فقير محمد يوسف نوحاڻي جروار ويجهو ڳوٺ بخشڻ نوحاڻي ۾ گهڻو عرصو بيمار رهڻ سبب اڄ ھن فاني دنيا مان وفات ڪري ويو ,فقير محمد يوسف جي جنازه نماز ڳوٺ ۾ ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ,پوئينرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. ھن صوفي صفت ماڻھون ھميشه پنھنجي ٻولي جي خدمت ڪئي جنھن جو ثبوت اُن جي شاعري جا ٻه اَڻ ڇپيل ڪتاب آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو