توهين عدالت ڪيس ۾ وڪيل تي هڪ روپيو ڏنڊ جي سزا

نئين دلي(ويب ديسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ملڪ جي ناليواري وڪيل ۽ شهري حقن جي سرگرم ڪارڪن پرشانت ڀوشن کي توهين عدالت جي ڪيس ۾ هڪ روپئي جي ڏنڊ جي سزا ڏني آهي. چيف جسٽس ايس اي بوبدي چيو آهي ته 15 سيپٽمبر تائين ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ کيس 3 مهينا قيد ڪاٽڻو پوندو يا 3 سالن جي پابندي لڳائي ويندي. پرشانت ڀوشن جون ۾ ٻه ٽوئيٽ ڪيون هيون جنهن جو سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺندي توهين عدالت جي ڪاروائي جو فيصلو ڪيو هو. ٻڌڻي دوران هن کي ڪيترائي ڀيرا چيو ويو ته هو غير مشروط معافي وٺي پر هن چيو ته جمهوريت م ججن تي تنقيد اظهار راءِ جي آزادي لاءِ ضروري آهي. هن هڪ ٽوئيٽ م جسٽس بوبدي جي هڪ تصوير جو حوالي ڏنو هو جنهن ۾ هو هڪ مهانگي موٽر سائيڪل تي سوار هو. ٻئي ٽوئيٽ ۾ هن 6 سالن دوران ڀارتي چيف جسٽس جي روين بابت ڳالهايو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو