سنڌو کي ڀيٽا،سوڪهڙي ۽ گندلاڻ تي ڳڻتي ظاهر

غلام حسين لغاري
سنڌ جي ڏاهي سول سوسائٽي جي اڳواڻ محترم فهيم نوناري جي ميزباني هيٺ سنڌو درياه سان محبت ڪندڙن پاران ٽيون ڏينهن شام المنظر وٽ درياهه سنڌ کي ڀيٽا ڏئي انجي بحالي ۽ بقا لاء دعائون گهريون ويون ۽ وفاق کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌو جو اوائلي اوج بحال ڪري ڊيلٽا کي بچايو وڃي، ٻي حالت ۾ سنڌ جو وجود ۽ زراعت کي ڪاپاري ڌڪ پهچندو جيڪو پهچي چڪو به آهي، ڪٿي ايئن نه ٿئي جو سنڌو سان والهانه محبت ڪندڙ انجا گهر ڀاتي اٿي پون ۽ پاڻي لاء ڪو ڳرو ملڪ گير احتجاج ڪن جنهن سان مسئلا پئدا ٿين۔هن تقريب ۾ قومي ڪارڪنن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن، صحافين ۽ ليکڪن وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا جن سنڌو کي ڀيٽا ڏني،قومي گيت پيش ڪيا ويا۔هن موقعي تي سنڌ ڄائي ڏاهي ۽ ليکڪ محترم منظور ٿهيم جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو۔هن تقريب ۾ سنڌ پورهيت تنظيم جي چيئرمن نواب مگسي ۽ زرعي ماهر ذوالفقار علي جاگيراڻي خصوصي طور شرڪت ڪئي ۽ ميزبانن جي هن قومي قدم جي واکاڻ ڪئي.
تقريب جي ميزبان فهيم نوناري، منظور ٿهيم، شھزاد بالادي،طارق ۽ ٻين خطاب ڪيوجن عزم ڪيو ته سنڌو جي بقا ملڪ جي بقا ترقي ۽ خوشحالي آهي جنهن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي۔هنن سنڌو جي پاڻي کي غلاظت طرف ڌڪڻ ۽ پاڻي کي زهريلو بنائڻ تي پڻ ڳڻتي جو اظھار ڪيو ۽ چيو ته حيدرآباد جو اوائلي ۽ تاريخي ڊومڻ واه واڌو واه ته پنهنجي جاء تي گندي پاڻي جا نالا بڻجي ويا آهن پر ڦليلي چئنل به غلاظت جو شڪار ٿي چڪا آهن جنهنڪري عام ماڻهو اهو پيئڻ ڪري مري پيو جنهن جو سرڪار نوٽيس وٺي۔جيڪڏهن هن وقت به اک نه پٽي وئي ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو وجود تباهه ٿي سگهي ٿو.سنڌ درياهه هڪ آهي انجو متبادل ڪو به درياهه ٿي نه وري ملي سگهندو.
سنڌو درياه لڳ ڀڳ ٽي هزار ڪلوميٽر پري کان ملڪ جي اترين علائقن ڪيلاش ويلي وٽان نڪري ٿو ۽ چئن صوبن کي آباد ڪندي سنڌ پهچي ٿو جتي انجي پڇاڙ آهي۔سنڌو درياه جتان جتان به گذري ٿو اتان جي هر علائقي جي پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت آهي جيڪا گهڻو ڪري سنڌو ماٿري سان ملي جلي ٿي فرق صرف ٻولين جو آهي جو پڇاڙ ۾ ٺيٺ سنڌي ڳالهائجي ٿي جڏهن ته باقي علائقن ۾ پوٺهار، هندڪو،پنجابي، سرائيڪي، ڪشميري ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون پر پاڻي امڙ سنڌو جو گڏجي پيتو وڃي ٿو جنهن سان انسان ۽ هر قسم جي جيوت جي زندگي جو دارومدار آهي۔ هن درياه جي خوشقسمتي اها آهي ته جو اهو پنجاب جي ڪجهه ندين چناب جهلم ستلج راوي ڀياس ۽ ٻين جو پاڻي پنهنجي پيٽ ۾ برداشت ڪري دنيا جي طاقتور درياهن مان سنڌو درياه جو شرف حاصل ڪري ٿو جنهن جي پاڻي تي ملڪ جا چار صوبا پلجن ٿا ۽ خوشحالي جو ضامن درياه آهي ۽ سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو جتي سندس پڇاڙ آهي۔
جڏهن درياه جو عروج هو ته يعني پنجاه سٺ واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جو پورو ڪچو سڄو سال آباد رهندو هو چيٽ ۽ خريف جا ٻئي فصل کڻبا هئا۔پنهنجو ديسي گدرو ڇانهون ونگو به جام لهندو هو جنهنڪري هر غريب غربو سولائي سان واپرائي سگهندو هو۔هنن جي واڙين جا مالڪ پسگردائي جي رهواسين ۽ واٽهڙو مسافرن کي مفت ۾ کائڻ لاء ڏيندا هئا هن وقت ڪچي ۾ ديسي جنسن جو انت اچي چڪو آهي جو پاڻي اڻلڀ آهي۔فارمي ۽ ٻاهريون جنسون پوکجن ٿيون سي به تڏهن جڏهن درياهه ۾ ٻوڏ اچي۔درياه جي پيٽ ۾ قدرتي ٻيلن کي وڍي ڪري ناس ڪيو ويو جنهنڪري جهنگلي جيوت پکي پکڻ جو نه صرف نسل تباهه ٿيو پر چوپايو مال ۽ ماکي جي مک ختم ٿي وڃڻ ڪري ماکي مکڻ اصلي گيهه نج کير جي اڻاٺ پئدا ٿي چڪي آهي جنهن سان سنڌ ۾ غربت ڪر کنيو جيڪا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي۔
جنهن درياه کي هر سال ڀيٽا ڏيون ٿا اهو هاڻ ماضي جو هڪ باب بڻجي چڪو آهي، جنهن جا ڪجهه ڪارڻ آهن۔پهريون ۽ مک ڪارڻ اهو آهي جو سٺ واري ڏهاڪي کان سنڌو جي منڍ کان بجلي جي پئدا ڪرڻ بهاني ڊئمن اڏجڻ جي سازش شروع ٿي، جنهن وسيلي سنڌ جو پاڻي رڪجڻ ۽ چوري ٿيڻ شروع ٿيو۔ڊئم پويان ڊئم ٺھڻ ۽ مٿان چشمه ڪئنال جو ناٽڪ رچائي سنڌ جي ڊيلٽا کي سڪايو ويو جنهنڪري اتي ٻيلا تباهه ٿيا۔مڇي ۽ پلي جو شڪار نه هجڻ ڪري ملاح ۽ آبادگار طبقو پيسجي چڪو آهي۔ڪوٽڙي بئراج جي لهواري طرف هن وقت پاڻي نه پر واري پئي اڏامي ۔بئراج جي سونهن ۽ رونق تباهه ٿي چڪي آهي۔بئراج جي مٿاهين پاسي منڇر جو زهريلو پاڻي بيٺل آهي جنهن کي حيدرآباد سميت بدين ٺٽي ۽ لاڙ جو بيوس ماڻهو پيو واپرائي، ڪيڏو نه ظلم آهي جو سنڌ جا حڪمران ۽ چونڊيل عيوضي اسلام آباد جي رنگينين ۾ مست لڳا پيا آهن کين سنڌو جو ڪو به فڪر ناهي۔
هن سموري سازش ۽ سانحي پويان پنجاب ته آهي ئي آهي پر سنڌ جا سياستدان ۽ واڳ ڌڻي پيش پيش رهيا آهن جن ايوب دور حڪومت کانوٺي اقتدار خاطر سنڌو جو سودو ڪري ويٺا آهن پر مڃيندا ڪونه۔هن وقت پاڻي جي اها صورتحال آهي جو گڊو کانوٺي ڪوٽڙي تائين سنڌ جا مک ڪئنال ۽ واهه خريف ۽ سانوڻي ۾ به سوڪهڙي جو شڪار آهن۔خريف جي پوکي جاري آهي بلڪه اڌ کان مٿي ختم به ٿي چڪي آهي پر درياه ۽ ان مان نڪرندڙ واه انڊينٽ کان گهٽ پاڻي پيا کڻن. ۔ارسا سنڌ سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ پئي ڪري وري به جس لهي سنڌ جي سول سوسائٽي قومي ڪارڪن دانشور ليکڪ جيڪي سنڌو درياه جي هر سال هر پل سار لهن پيا احتجاج ڪن پيا۔
سنڌو جي تباهي جو اهو به ڪارڻ آهي ته سنڌو جي ڀرپاسي جيڪي به وڏا شهر آهن يا ڪارخانا قائم آهن انهن جي گدلاڻ ۽ پنجاب جي سم ڪلر جي نڪاس وارو پاڻي به سنڌو ۾ ڇوڙ ڪرايو وڃي ٿو جنهنڪري به سنڌو جو پاڻي زهريلو بڻجي چڪو آهي، جنهن جي واپرائڻ سان زمينون ته زرخيزي وڃائي ويٺيون آهن پر انسان به چمڙي سميت مختلف بيمارين جو شڪار آهي۔جهنگلي جيوت جو وجود گهٽجي چڪو آهي ۽ پنجاب جو سدائين اهو موقف ۽ رينگٽ رهيو آهي ته سنڌ جو پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿي رهيو آهي ۽ پاڻي جي مسئلي تي سدائين عالمي سطح تي غلط ۽ منفي پروپئنگڊا ڪري رهيو آهي۔سنڌ جي چونڊيل عيوضين ۾ ذري جي به غيرت ناهي جو اهي اقتداري ايوانن ۾ ويهي پنجاب جي منفي پروپئنگڊا جو ڪو موثر جواب ڏئي سگهن۔حقيقت اها آهي ته درياه ۾ پاڻي آهي ئي ڪونه ته ضايع ڪٿان ٿيندو۔ڊيلٽا ۾ پاڻي هجڻ وقت ۽ سنڌ جي بقا جي ضرورت آهي۔سنڌو درياهه سان محبت ڪندڙ ماڻهن سنڌ کي ڀيٽا ڏيڻ وقت هڪ ڳالهه سامهون رکي ته سنڌو درياهه جي قومي مسئلي تي ملڪي سطح تي ڪانفرنس جو انعقاد ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ سنڌو جي مستقبل ۽ بقا لاءِ لائحه عمل جوڙيو وڃي ۽ وفاق تي زور ڀريو وڃي ته سنڌو جي ڊيلٽا تائين پاڻي جي پهچ کي يقيني بڻايو وڃي جنهن سان سنڌ جي جياپي جو سوال وابسته آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو