حضرت محمد راشد روضي ڌڻي، سنڌ جو درگاهون قسط (6)

تحرير الله بچايو رند

حضرت محمد راشد روضي ڌڻي جي ولادت رمضان 1171ھ  ڳوٺ رحيمڏنو ڪلهوڙو ۾ ٿي۔ پاڻ رمضان شريف جي مهيني ۾  سڄو ڏينهن امڙ جو کير ڪونه پيئندا هئا روايت موجب کيس ان ڪري روضي ڌڻي جو لقب مليو پير سائين پنهنجي دور جو هڪ وڏو عالم فاضل ۽ سفارتڪار سان گڏ الله جو نيڪ ٻانهون رهيو آھي سندس حياتي واري  دور ۾ سنڌ جي سڀ کان  وڏي ويري ملڪ افغانستان ۾ پنجن حڪمرانن حڪومت ڪئي، جن مان ٽن حڪمرانن تيمور شاهه، زمان شاهه ۽ شاهه شجاع سان سندن سڌي ۽ اڻ سڌي تعلق جي ڄاڻ ملي ٿي. حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻي جڏهن 23 سالن جو هو ته مدد خان پٺاڻ  1780ع بمطابق 1194هه ۾ قهر بڻجي سنڌ ۾ ڪڙڪيو. هن روحاني رهبر ۽ بزرگ انهي جابر ۽ ظالم لٽيري جي نه ته ڪا ڪاڻ ڪڍي ۽ نه وري سندس ڏاڍ ۽ ڏمر جي ڊپ کان متاثر ٿيو. ملفوظات شريف ۾ اچي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ پير سائين جن کهڙن ڏانهن ويا پئي رستي ۾ کين ڪنهن ماڻهو عرض ڪيو ته ”سائين  مدد خان پنهنجي لشڪر سان درياه جي ڪپ تي لٿل آهي اوهان پنهنجو شهر ڇو پيا ڇڏي وڃو جواب ۾ فرمايائون ته اسان جو سڀ ڪجھ اڳ ۾ لٽجي ويو آهي. تنهن ڪري اسان کي ڦرلٽ جو ڪهڙو خوف“  هن واقعي مان ثابت ٿئي ٿو ته حضرت روضي ڌڻي ڪنهن ظالم ۽ جابر کي نه ته ذهني طور قبول ڪيو ۽ نه وري ان جي ڏاڍ ۽ ڏمر کان متاثر ٿيو.

Photo By writer

ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هالاڻي جي جنگ کان پوءِ 1201هه ڌاري پاڻ جيڪو پنهنجي مريد ۽ خليفي محمد حسين ناڙي واري ڏانهن خط لکيو هئائون ان ۾ تيمور شاهه جو ذڪر اچي ٿو هن خط کي هڪ ادبي شاهڪار به چئي سگهجي ٿو. ليڪن ان جي متن کي ڏسي اها راء قائم نه ٿي ڪري سگهجي ته روضي ڌڻي تيمور شاهه جي حيثيت کي غير مشروط طور تي تسليم ڪيوهو مگر تيمور شاهه جي ٻن پٽن زمان شاهه ۽ شجاع شاهه سان سندس قريبي تعلق ثابت ٿئي ٿو. زمان شاهه کين جهنڊو پڻ ڏنو هو.

زمان شاهه ۽ حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جو تعلق ”پين اسلامي تحريڪ“ جي حوالي سان آھي ڇو ته زمان شاهه ننڍي کنڊ ۾ فرنگين جي وڌندڙ طاقت کي محسوس ڪري چڪو هو، کيس خبر هئي ته بنگال انگريز اقتدار هيٺ اچي چڪا آهن.  دهليءَ جو مغل پنهنجي طاقت وڃائي ويٺو هو.  نظام الدين به مرهٽن جي خوف کان انگريز جو ساٿاري بڻجي چڪو هو.  فقط ميسور ۾ سلطان ٽيپو انگريزن خلاف آواز اُٿاري رهيو هو ۽ هن ننڍي کنڊ ۾ پنهنجي هم خيال دوستن سان گڏجي ”پين اسلامي تحريڪ“ جو بنياد رکڻ پئي گهريو ۽ ڪابل ۾ زمان شاهه کيس اهڙي موٽ ڏني هئي. زمان شاهه انهي جي پوئواري ڪندي سنڌ جي حڪمران مير فتح علي خان کي انگريزن جي ڪوٺين کي بند ڪرڻ لاءِ حڪم ڪيو، جنهن تي ميرن عمل ڪيو ان کان سواءِ زمان شاهه سنڌ ۾ انهي تحريڪ کي زور وٺرائڻ لاءِ حضرت پير محمد راشد ۾ اميدون رکيون هيون  ۽ ساڳئي جذبي تحت سندس خدمت ۾ جهنڊو پيش ڪيو.

زمان شاهه جي اهڙي جذبي ۽ ”تحريڪ“ کي فرنگي ۽ سامراجي قوتون برداشت نه پئي ڪري سگهيون  زمان شاهه کان پوءِ جڏهن شاهه شجاع ڪابل جو حڪمران ٿيو ته هن پنهنجي حڪمرانن جيان سنڌ کي پنهنجي استحصال جو نشانو بنائڻ چاهيو. ان سلسلي ۾ 1219هه ۾ شڪارپور ۾ وارد ٿيو. حضرت محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي ”ملفوظات شريف“ ۾ شاهه شجاع جو ذڪر هن ريت اچي ٿو.

”پاڻ فرمايائون ته خواب ۾ وهندڙ پاڻي ڏسندا آهيون ته ان جو تعبير لشڪر ڪشي ٿيندو آهي. پوءِ پنهنجو خواب مبارڪ فرمايائين ته هيڪر خواب ۾ ڏٺوسون ته هڪڙو پاڻي وڏي هيبت سان پيو اچي ۽ ائين ايندي ايندي في الحال اتي جو اتي سڪي ويو. تڏهن انهن ئي ڏينهن ۾ شاهه شجاع الملڪ سنڌ ملڪ تي وڏي هيبت ۽ دهشت سان ڪٽڪ چاڙهي آيو،  ماڻهن ۾ وڏي ڀاڄ ۽ تفرقو اچي پيو. نيٺ جڏهن سندس مقابلي ۾ هتي سنڌ جي ٽالپر حاڪمن فوج تيار ڪري مقابلي ۾ آيا تڏهن شاهه شجاع الملڪ ڍل جي بهاني سان ٿورڙي ماليات وٺي موٽي هليو ويو.  حضرت روضي ڌڻيءَ شاهه شجاع سان ملاقات پڻ ڪئي. ان جو پس منظر هن ريت آهي: ”شاهه شجاع وڏي لشڪر سان سنڌ تي چڙهي آيو. پرڳڻي جا ماڻهو ايترا ته خوفزده ٿي ويا جو انهن مان ڪي ٿر جي طرف ڀڄي ويا.“  انهن حالتن ۾ وقت جي حڪمران شاه شجاع کي فوجي طور تي منهن ڏيڻ کان سواءِ پاڻ سفارتي طريقن سان ٿڌو ڪري واپس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان سلسلي ۾ حضرت محمد راشد، مخدوم محمد عاقل کهڙائي ۽ صالح شاهه گمبٽ واري کي شاهه شجاع الملڪ ڏانهن موڪليو ويو.  هنن بزرگن جي ڪوشش سان ۽ سفارتي طريقن ذريعي ٺاھ ٿيو جنهن تحت مير غلام علي ڏھ لک بروقت ادا ڪيا، جنهن ڪري شاه سجاع ڪابل روانو ٿيو دفاعي پوزيشن نه هئڻ ڪري پنهنجي قوم جي قتل عام کان بچڻ لاء ان وقت اهو سودو سستو سمجهيو ويو جيئن ته ان وقت سنڌين جو منظم نه هئڻ ۽ جنگي بنيان تي ويڙھاڪن جي تربيت ۽ هٿيارن جي اڻھوند جي برعڪس پير سائين جو سفارتي ڪم تاريخ ۾ اهم ڪردار رکي ٿو.

هن واقعي مان پڻ حضرت محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي وطن دوستي، سياسي بصيرت ۽ سفارتي اهليت جي خبر پوي ٿي. پاڻ پنهنجي وطن جي بقا  لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو ان جي واکاڻ ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي. پير سائين علم ادب جا سرموڙ رهيا آھن هڪ روايت موجب سندس ڪتب خاني ۾ چاليهه ھزار ڪتاب هئا جيڪي بعد ۾ انگريزن جي ڦرلٽ ۾ ضايع ٿي ويا ان هوندي به هن وقت سندن ست ڪتاب محفوظ آھن (مجمع الفيوضات(صحبت نامه(آداب المريدين(شرع اسماءالله الحسيني(جمع الجوامع(جامع سنڌي ڪلام) ان ۾ شامل آهن. پير سائين روضي ڌڻي جي وصال 63 سالن ۾ 1234ھ ۾ ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو