ملير (ڳالهه ٻولهه: درياخان شر) شاڪر شجاع آبادي سرائيڪي ٻوليءَ جي ناليواري مزاحمتي شاعر شاڪر شجاع آباديءَ جو اصل نالو محمد شفيع ولد مولوي الهيار آهي. سندس جنم 1955ع ڌاري ڳوٺ مِٺو لڳ شجاع آباد، ضلعي ملتان ۾ ٿيو. هن پنج درجا تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ مٺوءَ مان حاصل ڪئي. ٻن سال جي عمر ۾ مُدي جو بخار ٿي پيو، جنهن سبب سڄي زندگيءَ لاءِ صحت جي مسئلن کي منهن ڏيندو رهيو آهي.. 1994ع ۾ کيس جسماني بيماري زور وٺي وئي.، جنهن کيس معذور بڻائي ڇڏيو ۽ تازو ڪجهه سالن کان هو صحيح نموني ڳالهائي نه ٿو سگهي. شاڪر شجاع آباديءَ جو شمار سرائيڪيءَ جي ناليوارن مزاحمتي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هن نظم، غزل ۽ گيت لکيا آهن. هن سرائيڪي ٻوليءَ ۾ هڪ نئين صنف ‘سُجهاول’ پڻ متعارف ڪرائي، جيڪا هائيڪو جي ويجهي آهي. هن سرائيڪيءَ کان سواءِ ميواتي، انگڙي (هريانوي)، اردو۽ پنجابيءَ ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي. پر هو پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏئي ٿو. 2017ع ۾ کيس ‘تمغه امتياز’ سان نوازيو ويو. سندس 13 کان وڌيڪ ڪتاب لکيل آهن، جن ۾ ‘لهو دا عرق‘، ’پهلي پتر’، ‘بلندين هنجو’، ‘ڪلام شاڪر’، ‘شاڪر دي دوهڙي’، ‘گلاب ساري تمهين مبارڪ’ ۽ ‘ساحل پر سفينه سانسون ڪا’ قابل ذڪر آهن. شاڪر شجاع آباديءَ چيو ته مون کي زراعت جو وڏو شوق آھي ۽ مان پنهنجي زندگي مان خوش آھيان. شاڪر جو هڪ شعر آهي ته ستر حوران دي بدلي گزاره هڪ تي ڪر گهنسان ، اي ربا ساڪون رڄ ڪي روٽي ڏي!
سينيئر ڪمانڊر شهيد 8 ڪسٽم اهلڪارن جي وارثن سان ملاقات
وردي پائڻ تي مريم خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست،رپورٽ طلب
مريم نواز تي پوليس يونيفارم پائڻ تي ڪيس ٿيڻ گهرجي: سيف
نواز پاران پارٽي کي عوامي سطح تي ٻيهر فعال ڪرڻ جي هدايت
پاڪستان هڪ اهم ساٿي آهي، آمريڪا
اهم رانديگر جي نه کيڏڻ سان فرق پوندو آهي، فخر زمان
جنسي زيادتي جو جرم، فلم پروڊيوسر هاروي وائنسٽن جي سزا رد
واٽس ايپ استعمال ڪرڻ لاءِ انٽرنيٽ جي ضرورت ختم
نوجوانو! سنڌ توهان جي منتظر آهي!!
اڄوڪي-اخبار-2024-04-26
اڄوڪي-اخبار-2024-04-26
اطلاعات کاتي ۾ بدليون ۽ مقرريون، اشتهار ڪابورو حوالي
ملير ۾ ٽينٽ سٽي خالي ڪرائڻ تي مزاحمت ،5 ڄڻا سخت زخمي
نيوي، رينجرز، گورنر ۽ سي ايم آفيسن ٻاهران قبضا ختم ڪريو
نيوزيلينڊ 4 رنز تان ميچ کٽي سيريز ۾ برتري حاصل ڪري ورتي
منهنجي دور ۾ عدليا ۾ مداخلت جي هڪ به شڪايت ناهي ملي
عدليا ۾ مبينا مداخلت خلاف سوموٽو تي ٻڌڻي لاءِ نئين بئنچ قائم
حق نه مليو ته اسلام آباد تي قبضو ڪنداسين: گنڊاپور
سوشل ميڊيا ايپ ٿريڊز، ايڪس کان گوءِ کڻي وئي
سڌ سماءُ واري کاتي ۾ ڊائريڪٽرن جو مقرريون بدليون، نوٽيفڪيشن جاري