ايشين گيمز، پاڪستان وومين ٽيم سيمي فائنل ۾ پهچي وئي

ايشين گيمز، پاڪستان وومين ٽيم سيمي فائنل ۾ پهچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ٽيم ٿائيلينڊ جي عورتن واري ٽيم کي شڪست ڏئي ۽ سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ايشين گيمز جي عورتن جي ڪرڪيٽ ايونٽ ۾ ڪامياب شروعات ڪئي.مينهن سبب متاثر ٿيل ڪوارٽر فائنل ۾، پاڪستان جي عورتن واري ڪرڪيٽ ٽيم هڪ دلچسپ مقابلي دوران ٿائيلينڊ جي ٽيم کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ايشين گيمز جي سيمي فائنل ۾ پنهنجي جاءِ پڪي ڪئي.مينهن سبب ايشين گيمز جي عورتن جي ڪرڪيٽ ايونٽ جي ٻئي ڪوارٽر فائنل کي گهٽائي 11 اوورن في اننگز تائين محدود ڪيو ويو. پاڪستان ٽاس کٽي بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.مينهن سبب متاثر ٿيل ان ميچ ۾، ٿائيلينڊ جي ٽيم مقرر 11 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 91 رنسون ٺاهيون. پاڪستاني عورتن جي ٽيم 7 وڪيٽن جي نقصان ۽ 2 بال باقي هوندي اهو هدف حاصل ڪري ورتو.شوال ذوالفقار (25 رنسون) ۽ فاطمه ثنا (21 رنسون) نمايان رانديگر رهيون.ان طرح، پاڪستان 7 وڪيٽن جي نقصان ۽ 2 بال باقي هوندي هدف حاصل ڪري سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو