ايشيا ڪپ: سريلنڪن وومين ٽيم فائنل ۾ پهچي ويو

ايشيا ڪپ: سريلنڪن وومين ٽيم فائنل ۾ پهچي ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ) دفاعي چيمپيئن سري لنڪا جي عورتن واري ٽيم پاڪستاني عورتن جي ٽيم کي چار وڪيٽن تان شڪست ڏئي وومنز ٽي-20 ايشيا ڪپ جي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو.دبئي ۾ کيڏيل ٽورنامينٽ جي ٻئي سيمي فائنل ۾، پاڪستاني عورتن جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 130 رنسون ٺاهيون.ڪپتان فاطمه ثنا 47 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي، جڏهن ته شوال ذوالفقار 24 ۽ گل فيروزه 21 رنسون ٺاهيون.جواب ۾ سري لنڪا جي ٽيم 19هين اوور ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي آسانيءَ سان هدف حاصل ڪري ورتو ۽ فائنل ۾ پنهنجي جڳهه پڪي ڪئي.سري لنڪا طرفان هرشيتا سمارا وڪراما 36 ۽ ڪاويشا دلهاڙي 33 رنسون ٺاهيون.پاڪستان جي فاطمه ثنا پنهنجي بيٽنگ کانپوءِ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 38 رنسن عيوض 4 وڪيٽون حاصل ڪيون.ٽورنامينٽ جو فائنل آچر ڏينهن ڀارت ۽ سري لنڪا جي عورتن جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو