ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره ساره علي خان انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن هن اداڪاري جي شعبي ۾ قدم رکڻ جو فيصلو ڪيو هو، تڏهن سندس وزن لڳ ڀڳ 100 ڪلوگرام هو.ساره علي خان اڄڪلهه پنهنجي ايندڙ فلم ”اُڙتا تير“ جي مشهوري مهم ۾ مصروف آهي، جنهن ۾ هوءَ اداڪار آيوشمان کرانا سان گڏ نظر ايندي.تازو ئي ٻنهي اداڪارن انيل ڪپور جي شو ”انڊياز ٽاپ ون پرسنٽ“ ۾ شرڪت ڪئي، جتي ساره علي خان پنهنجي فلمي سفر جي شروعات بابت ڳالهايو.انيل ڪپور جي سوال تي ساره ٻڌايو ته هوءَ ننڍپڻ کان ئي اداڪاره بڻجڻ چاهيندي هئي، پر کيس تعليم حاصل ڪرڻ ۾ پڻ گهڻي دلچسپي هئي. ان ئي سبب جي ڪري هن ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ جي تعليم حاصل ڪئي ۽ قانون جي ڊگري وٺڻ جو ارادو پڻ رکيو هو.اداڪاره موجب يونيورسٽيءَ ۾ ٿيٽر جو ڪورس ڪرڻ ۽ اسٽيج تي اداڪاري ڪرڻ کانپوءِ سندس اندر ننڍپڻ کان موجود اداڪاره بڻجڻ جي خواهش ٻيهر جاڳي پئي، جنهن کانپوءِ هن اداڪاري جي شعبي ۾ قسمت آزمائڻ جو فيصلو ڪيو.ساره علي خان ٻڌايو ته جڏهن هن اداڪاره بڻجڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن سندس وزن لڳ ڀڳ 100 ڪلوگرام هو.










