ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) پاڪستاني باڪسر عثمان وزير پنهنجي 19هين انٽرنيشنل ورلڊ رينڪنگ فائٽ کٽي ورتي.عثمان وزير جو چوڻ آهي ته هن انڊونيشيائي باڪسر خلاف پنهنجي 19هين عالمي مقابلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.هن پنهنجي ڪاميابي پاڪ فوج ۽ پوليس جي جوانن جي نالي ڪندي چيو ته اها ڪاميابي خيبر پختونخوا ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ شهيد ٿيلن جي نالي پڻ ڪريان ٿو.










