ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ۽ فلمساز حريم فاروق چيو آهي ته هن ڏهه سال اڳ ئي فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته ماڻهن جي تنقيد ۽ سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ ٽرولنگ جي پرواهه نه ڪندي. تازو انٽرويو ۾ ڳالهائيندي حريم فاروق چيو ته ناقدين ۽ سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪندڙن جون ڳالهيون مسلسل ذهن ۾ رکڻ جو ڪو فائدو ناهي، ڇاڪاڻ ته اهي تنقيد ڪندا رهندا آهن. اداڪارا موجب هوءَ سوشل ميڊيا تي پنهنجي باري ۾ ڪيل تبصرا پڙهڻ کان پاسو ڪندي آهي ۽ پنهنجي ڪم توڙي زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ کي ترجيح ڏئي ٿي. حريم فاروق تازو ئي اداڪار فيصل قريشي سان گڏ پنجابي فلم ”منگو جٽ“ ۾ نظر آئي آهي ۽ فلم جي مشهوريءَ لاءِ مختلف تقريبن ۾ شرڪت پڻ ڪئي آهي.










