آفتاب شيخ، فاروق نائڪ جو جي سي پي ميمبر طور  استعيفيٰ

آفتاب شيخ، فاروق نائڪ جو جي سي پي ميمبر طور استعيفيٰ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جي ميمبر آفتاب شيخ به جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. اسلام آباد مان ذريعن جو چوڻ آهي ته جوڊيشل ڪميشن جي نون ميمبرن جي نامزدگي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان جلد ڪئي ويندي. ذريعن موجب مسلم ليگ ن طرفان سينيٽ مان جوڊيشل ڪميشن لاءِ هڪ ميمبر نامزد ڪيو ويندو، جڏهن ته قومي اسيمبلي مان پاڪستان پيپلز پارٽي جي ميمبر کي جوڊيشل ڪميشن جو رڪن نامزد ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته جوڊيشل ڪميشن جي موجوده ميمبرن جي مقرري کي 2 سال مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ ميمبرن جون نيون نامزدگيون معمول جي ڪارروائي جو حصو آهن. هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي سينيٽر فاروق ايڇ نائڪ به جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. فاروق ايڇ نائڪ جو چوڻ آهي ته هن جوڊيشل ڪميشن تان استعيفيٰ ذاتي سببن جي بنياد تي ڏنو آهي، جڏهن ته استعيفيٰ ڪميشن جي چيئرمين ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي. جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان اعليٰ عدليه جي ججن جي مقرري لاءِ فورم آهي، جڏهن ته فاروق ايڇ نائڪ ڪميشن ۾ پيپلز پارٽي طرفان ميمبر مقرر هو.

پهنجو تبصرو موڪليو