هيلري سوينڪ جي گهر ٽئين ٻار جي آمد متوقع

هيلري سوينڪ جي گهر ٽئين ٻار جي آمد متوقع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)هالي ووڊ جي آسڪر ايوارڊ يافته 52 ورهين جي مشهور اداڪارا هيلري سوينڪ جي گهر ٽئين ٻار جي آمد متوقع آهي، اداڪارا سوشل ميڊيا ذريعي اها خوشخبري ڏئي مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو.هيلري سوينڪ فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪندي پنهنجي ٽئين ٻار جي پيدائش جي اميد ظاهر ڪئي. وڊيو جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته ڪيترائي ماڻهو کانئس پڇي رهيا هئا ته سندس ايندڙ پروجيڪٽ ڪهڙو هوندو، جنهن تي هن ٻڌايو ته سندس اهو نئون پروجيڪٽ ڊسمبر ۾ سامهون ايندو. واضح رهي ته فلم ’ملين ڊالر بيبي‘ ۽ ’بوائز ڊونٽ ڪرائي‘ ۾ جاندار اداڪاريءَ وسيلي شهرت ماڻيندڙ هيلري سوينڪ 2018ع ۾ واپاري شخصيت فلپ شنائيڊر سان شادي ڪئي هئي. جوڙي وٽ اپريل 2023ع ۾ جاڙن ٻارن، ڌيءَ آيا ۽ پٽ اوهم جي پيدائش ٿي هئي. ان وقت اداڪارا جي عمر 48 ورهيه هئي. هيلري سوينڪ ماضيءَ ۾ به وڏي عمر ۾ ماءُ بڻجڻ جي تجربي بابت ڳالهائي چڪي آهي. اداڪارا جو چوڻ هو ته اداڪاريءَ جي خواب کي حقيقت بڻائڻ کانپوءِ کيس ماءُ بڻجڻ جي مرحلي تي پنهنجي ٻارن کي وڌيڪ وقت ڏيڻ ۽ سندن سارسنڀال تي ڌيان ڏيڻ جو موقعو مليو. طبي ماهرن موجب 52 ورهين جي عمر ۾ حمل ٿيڻ غيرمعمولي ڳالهه آهي، جڏهن ته اهڙي عمر ۾ حمل دوران ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي حفاظت لاءِ خاص طبي نگراني جي ضرورت پئجي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو