ڪجهه سالن ۾ انسان نما روبوٽس جو استعمال وڌي ويندو

ڪجهه سالن ۾ انسان نما روبوٽس جو استعمال وڌي ويندو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) ٽيسلا جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ايلون مسڪ چيو آهي ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ انسان نما روبوٽس جو استعمال ايترو وڌي ويندو، جو ماڻهو پنهنجي پوڙهن والدين ۽ ٻارن جي سار سنڀال لاءِ ذاتي روبوٽس استعمال ڪندا.ايلون مسڪ موجب ٻارن جي تعليم سميت ڪيترائي ٻيا ڪم پڻ روبوٽس ذريعي انجام ڏنا ويندا. هن دعويٰ ڪئي ته ايندڙ 10 سالن ۾ انسان نما روبوٽس جو انگ هڪ ارب تائين پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته 15 سالن ۾ اهو انگ 10 ارب ۽ 20 سالن ۾ 100 ارب تائين پهچڻ جو امڪان آهي. ايلون مسڪ ماڻهن کي مشورو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ممڪن هجي ته چين ضرور وڃن، جڏهن ته وقت محدود هجي ته شنگهائي ۽ بيجنگ جو دورو ضرور ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو