اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي دوري لاءِ سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جو پهريون دستو اسلام آباد پهچي ويو، جتي ايئرپورٽ تي ٽيم جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو. سريلنڪن ٽيم جي 13 رڪني دستي ۾ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جا 8 رانديگر ۽ ٽيم مئنيجمينٽ جا 5 آفيسر شامل آهن، جڏهن ته باقي 5 رانديگر اڱاري ڏينهن اسلام آباد پهچندا.پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جو پهريون ميچ 9 آڪٽوبر تي راولپنڊي ۾ کيڏيو ويندو. سيريز جا باقي ٻئي ميچ پڻ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ 11 ۽ 13 آڪٽوبر تي کيڏيا ويندا.










