ناگويا (اسپورٽس ڊيسڪ): ايشين گيمز جي هائي ايريا ۾ پاڪستاني ٽيم پنهنجي پهرين ئي ميچ ۾ جارحاڻي راند جو مظاهرو ڪندي ٿائلينڊ کي 9-0 جي وڏي مارجن سان شڪست ڏئي ڇڏي. ميچ دوران پاڪستاني احمد نديم شاندار راند جو مظاهرو ڪندي هيٽ ٽرڪ اسڪور ڪئي. ناگويا جي گرين اسٽيڊيم ۾ کيڏيل هن ميچ ۾ گرين شرٽس شروعات کان ئي ٿائلينڊ جي ٽيم تي مڪمل طور ڇانيل رهيا. پهرين ڪوارٽر ۾ معين شڪيل ۽ عماد بٽ هڪ هڪ گول ڪري ٽيم کي 2-0 جي برتري ڏياري. ٻئي ڪوارٽر ۾ به پاڪستاني رانديگرن جو حملو جاري رهيو، جنهن دوران نديم احمد هڪ ۽ سفيان خان ٻه گول داغي ٽيم جي برتريءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. ٽئين ڪوارٽر ۾ پاڪستان وڌيڪ جارحاڻي انداز اپنائيندي 4 گول اسڪور ڪيا. رانا وحيد ۽ عبدالشاهد هڪ هڪ گول ڪيو، جڏهن ته احمد نديم وڌيڪ ٻه گول ڪري پنهنجي هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪئي.ميچ جي چوٿين ڪوارٽر ۾ ٻنهي ٽيمن مان ڪو به گول نه ٿي سگهيو. ٿائلينڊ جي ٽيم پوري ميچ ۾ هڪ به گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جنهن بعد پاڪستان هي ميچ 9-0 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.










