سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ شان مسعود جي شرڪت غير يقيني

سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ شان مسعود جي شرڪت غير يقيني

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽر شان مسعود کي مڪمل فٽنس حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ٻن کان ٽن هفتن جو وقت گهربل آهي، جنهن سبب سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ سندس شرڪت غير يقيني بڻجي وئي آهي. ذريعن موجب، شان مسعود کي پريزيڊنٽ ٽرافي جي ميچ دوران کاٻي پنڊليءَ ۾ تڪليف ٿي هئي، جنهن سبب هو پنڊليءَ جي عضلن ۾ تڪليف جي ڪري آخري رائونڊ جي ميچ ۾ حصو نه وٺي رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شان مسعود جي تڪليف سنگين نوعيت جي ناهي ۽ هو بحاليءَ جي عمل (ري هيب) کانپوءِ ٻيهر ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ واپسي ڪندو. ذريعن موجب، شان مسعود جي سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو امڪان پڻ آهي. پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 9 نومبر کان شروع ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو