معاذ ۽ فرحان جي شاندار بيٽنگ، سريلنڪا لاءِ 216 جو ٽارگيٽ

معاذ ۽ فرحان جي شاندار بيٽنگ، سريلنڪا لاءِ 216 جو ٽارگيٽ

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سريلنڪا کي ٻئي ميچ ۾ 82 رنز تان شڪست ڏئي ٽن ميچز جي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي. سريلنڪا جي پوري ٽيم 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 133 رنز ٺاهي سگهي. عمران رنڌاوا 4 اوورن ۾ 11 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون، سلمان مرزا ٽن اوورن ۾ 28 رنز ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون. ابرار احمد 3 اوورن ۾ 26 رنز ڏنيون ڪا وڪيٽ نه ورتي، صائم ايوب ۽ شاداب خان ٽن ٽن اوورن ۾ 19، 19 رنز ڏئي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ سريلنڪا ٻئي ميچ ۾ ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان جي بيٽنگ جاري آهي. صاحبزاده فرحان ۽ فخرالزمان اننگ جي شروعات ڪئي. فخر 4 چوڪن جي مدد سان 22 رنز ٺاهي، مهيش ٿيڪشانا جي بال تي ڪمندو مينڊس هٿان ڪيچ ٿيو ۽ 55 تي پاڪستان جي پهرين وڪيٽ ڪري. جنهن بعد معاذ صداقت آيو. ٽن ميچز جي سيريز ۾ پاڪستان پهرين ميچ کٽي ورتي هئي. جيڪڏهن ڪاميابي حاصل ڪئي ته سيريز به کٽي ويندو. ڪپتان صاحبزادا فرحان 31 بالن تي ٽن ڇڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان ففٽي مڪمل ڪئي. هو پنج ڇڪا ۽ 4 چوڪا هڻي 44 بالن تي 73 رنز ٺاهي داسن شناڪا جي بال تي مهيش هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد معاذ صداقت شاندار اسٽروڪس کيڏي 51 بالن تي 96 رنز جي زبردست اننگ کيڏي اننگ جي آخري بال تي ايشان ملنگا جي بال تي داسن شناڪا هٿان ڪيچ ٿيو ۽ سينچري مڪمل نه ڪري سگهيو، هن 7 ڇڪا ۽ 6 چوڪا هنيا. پاڪستان 3 وڪيٽن جي نقصان تي 20 اوورن ۾ 215 رنز ٺاهيون. حسن نواز 9 بالن تي 19 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو