اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان زمين تان هدف کي نشانو بڻائيندڙ فتح 4 ڪروز ميزائل سسٽم جي توسيعي ورزن جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. پاڪ فوج جي شعبي تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) موجب مقامي طور تي تيار ڪيل فتح 4 گرائونڊ لانچڊ ڪروز ميزائل جي توسيعي ورزن جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو. جديد ايويونيڪس ۽ جديد نيويگيشنل سهولتن سان ليس هي هٿيارن جو نظام وسيع فاصلي تي موجود هدفن کي انتهائي درستگي سان نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. آءِ ايس پي آر موجب تجربي جو مشاهدو پاڪ فوج جي سينيئر آفيسرن سان گڏ ميزائل تيار ڪندڙ اداري جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن پڻ ڪيو. صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ٽنهي سروسز جي سربراهن ڪامياب تجربي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.










