سريلنڪا جي 8 وڪيٽن تان پاڪستان کي شڪست

سريلنڪا جي 8 وڪيٽن تان پاڪستان کي شڪست

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) 169 رنز جي ٽارگيٽ لاءِ سريلنڪا بيٽنگ شروع ڪئي ته هڪ رن ٺاهيندڙ لاهيرو ادارا کي محمد عمران ايل بي ڊبليو ڪيو. جنهن بعد سائينيٿ جي وردهني 38 رنز ٺاهي عرفات جي بال تي رضا الله هٿان ڪيچ ٿي ويو. ڪپتان ڪسال مينڊس ففٽي مڪمل ڪئي ۽ ڪَمنِدو مينڊس سندس ساٿ ڏنو. 15 هين اوور ۾ صفيان مقيم پنهنجي ئي بال تي پاڻ آسان ڪيچ ڊراپ ڪيو. ڪسال 87 رنز ۽ مينڊس 40 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيا ۽ 17 بال رهيل هئا ته هنن 8 وڪيٽن تان ميچ کٽي سيريز ۾ واش آئوٽ ٿيڻ کان پاڻ کي بچائي ورتو. ان کان اڳ ٽئين ميچ ۾ به سريلنڪا ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستاني ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 168 رنز ٺاهي سگهي.
پاڪستان اننگ جي جارحاڻي شروعات ته ڪئي پر وڪيٽون ڪرنديون رهيون، فخرالزمان 34 جي مجھموعي اسڪور تي 12 رنز ٺاهي ايشان ملنگا جي بال تي لاهيرو اُدارا هٿان ڪيچ ٿيو. معاذ صداقت بنا رن ٺاهڻ جي ايشان ملنگا جي بال تي چمندا وڪرميسنگهي هٿان ڪيچ ٿيو، حسن نواز 16 ۽ خواجا نافع 3 رنز ٺاهي ڪيچ ٿي ويا.
جنهن بعد محمد عمران 6 ۽ عبدالصمد 15 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. جنهن بعد ڪپتان صاحبزاده فرحان 3 ڇڪا ۽ 7 چوڪا هڻي 47 بالن تي 76 رنز ٺاهي ڪيچ ٿي ويو. 8 نمبر تي بيٽنگ لاءِ آيل عرفات منهاس ٻن ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 20 بالن تي 34 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، رضا الله زيرو تي بولڊ ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو