اين سي سي آءِ اي نوٽيسن خلاف رضوان جي درخواست رد

اين سي سي آءِ اي نوٽيسن خلاف رضوان جي درخواست رد

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ اين سي سي آءِ اي نوٽيسن خلاف ڪرڪيٽر محمد رضوان جي درخواست رد ڪري ڇڏي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عاليه نيلم درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ڪرڪيٽر جي وڪيل، قاضي عمير علي، عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته سندس موڪل (ڪلائنٽ) کي نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا.ان جي جواب ۾ چيف جسٽس عاليه نيلم ريمارڪ ڏنا ته کيس گهرجي ته هو صرف نوٽيسن جو جواب جمع ڪرائي، ۽ پڇيو ته نوٽيس ڪهڙي تاريخ تي جاري ڪيو ويو هو.درخواست گذار جي وڪيل وضاحت ڪئي ته لارڊز ٽيسٽ کانپوءِ، درخواست گذار کي هوٽل جي لابي ۾ گهرايو ويو، بغير اڳواٽ اطلاع جي کانئس پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ۽ سندس موبائيل فون ضبط ڪيو ويو.هن چيو ته درخواست گذار ان يقين دهانيءَ تي موبائيل فون حوالي ڪيو هو ته اهو ٽن ڪلاڪن کانپوءِ واپس ڪيو ويندو؛ پر فون اڄ تائين واپس نه ڪيو ويو آهي، جيڪو بدنيتي جي نشاندهي ڪري ٿو.رضوان جي وڪيل دليل ڏنو ته آءِ سي سي جو اينٽي ڪرپشن يونٽ ڪرڪيٽرن سان لاڳاپيل ڪرپشن جي معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ مناسب فورم آهي، ان باوجود درخواست گذار خلاف ڪيس ان يونٽ حوالي نه ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو