ڊرامن ۾ اداڪارن جا معاوضا، فرح نادر جو اهم انڪشاف

ڊرامن ۾ اداڪارن جا معاوضا، فرح نادر جو اهم انڪشاف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر اداڪارا فرح نادر چيو آهي ته ڊرامن ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار ۽ اداڪارائون لکين رپيا معاوضو وٺن ٿا. خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ميزبان وصي شاهه سان ڳالهائيندي فرح نادر ٻڌايو ته عام ماڻهو جيڪڏهن مهيني ۾ هڪ لک رپيا ڪمائي ٿو ته هڪ اداڪار تقريبن ايتري رقم 10 ڏينهن ۾ ڪمائي سگهي ٿو. سينيئر اداڪارا موجب مرڪزي ڪردار ڪندڙ اداڪار يا اداڪارا هڪ ڊرامي جا عام طور 15 کان 20 لک رپيا معاوضو وٺن ٿا، جڏهن ته ڪجهه موقعن تي اهو معاوضو 30 کان 40 لک رپين تائين به پهچي وڃي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن پروڊيوسر وقت سر معاوضو ادا ڪن ته شوبز اهڙو شعبو آهي، جتي آمدني ڪافي وڌيڪ ٿي سگهي ٿي. فرح نادر ڪنهن مخصوص اداڪار جو نالو نه ورتو، جڏهن ته پروگرام ۾ موجود ميزبان همايون سعيد، فهد مصطفيٰ، فيروز خان، احسن خان، اقرا عزيز، سجل علي ۽ هانيه عامر جا نالا کنيا. فرح نادر پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات مشهور ڊرامي ’خدا جي بستي‘ سان ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو