سنڌ جي شھيد راڻي بينظير ڀٽو

سنڌ جي شھيد راڻي بينظير ڀٽو

امداد سنديلو/لاڙڪاڻو
جڏھن بينظير ڀٽو ڪارساز سانحي 18 آڪٽوبر جي واقعي ۾ بچي وئي تھ ھڪ ھفتي کانپوءِ پنھنجي جيئري ئي وڏن جي قبرستان ڳڙھي خدابخش ڀٽو ۾ والد شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد ڀائرن جي مزار تي گلاب جا گل چاڙھڻ آئي ھئي. ھن کي اھا خبر ڪا نھ ھئي تھ دشمن ھر حال ۾ کيس قتل ڪرڻ چاھين ٿا. ھن جو زندھ رھڻ ملڪ دشمن قوتن کي برداشت نھ ھو. نيٺ 69 اڻھتر ڏينھن کان بعد ھن کي راولپنڊي لياقت باغ ۾ قتل ڪيو ويو. ھن جو بھادر ۽ جرئت سان جيئڻ ۽ مرڻ ۾ ايمان ھيو ھن کي پنھنجي خانداني شھادت سندس ورثي ۾ ملڻي ھئي، ھن مرڪي شھادت ماڻي، سنڌ ڌرتي ۽ ڀٽو فيملي ۾ ضرور ڪي اھڙيون خوبيون سمايل آھن جو سندن شھادتون ورثي ۾ ڏاج طور قدرتي مليل آھن.
سنڌ جي شھيد راڻي بينظير ڀٽو جنھن بي خوفي ۽ دليريءَ سان انتھاپسندن ۽ ڏاڍ پرستن کي للڪاريو ھو. ھو انھن جي ھٿان مارجي وئي. جمھوريت جي بحالي واري معاملي تي صدر مشرف کي جيترو محترمھ بينظير ڀٽو مجبور ڪيو ھو ايترو ٻئي ڪنھن جماعت جي ليڊر ڪو نھ ڪيو ھو. ھاڻي صورتحال ان پوائنٽ کان ٻاھر ويندي نظر اچي رھي آھي. سنڌين جن جمھوريت لاءِ بي انتھا، بي پناھھ قربانيون ڏنيون سيڪيولر سوچ واري ھن قوم ۽ ان جي بي دٻي قيادت ۽ ليڊرن جي وھايل رت رائيگان وڃڻو ناھي. بس ان کي عالمي ڌارا سان گنڍائڻو آھي ۽ دنيا کي ٻڌائڻو آھي تھ سنڌ ۽ سنڌي جمھوريت پسند آھن ۽ انتھاپسنديءَ جا مخالف آھن ۽ انھن ثابت ڪري ڏيکاريو آھي تھ انتھاپسنديءِ جي خلاف عظيم قربانيون ڏئي ويا آھن.
سنڌين ھڪڙي نفرت ۽ جوش جذبي جو اظھار 1983ع ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران ڪيو ھو ۽ ٻيو وڏو اظھار بينظير ڀٽو جي شھادت تي 8_2007 تي ڪيو ھو. جيتوڻيڪ اھو اظھار بنا ڪنھن پلاننگ جي ھو جنھن ۾ ويڙھھ سنسني خيز ۽ اجتماعي عنصر نمايان ھو. شھيد بينظير ڀٽو جو رت سنڌي قوم کي ھڪ نئون جنم ڏيندو جيڪو مستقبل ۾ روشن باب تسليم ڪيو ويندو. ھڪ ڏاڍي خطرناڪ صورتحال جي اڳڪٿي ڪئي پئي وئي، ڪجھھ تجزيھ نگار حالتن کي صورتحال سان ڀيٽي رھيا آھن جيڪا بھ صورتحال ھئي سنڌي عوام جي اندر جيڪا بيچيني اٿل پٿل پريشاني ۽ مايوسي آھي اھا ڪنھن ٻئي منظر ڏانھن ڌيان ڇڪائي رھي آھي، سنڌي عوام جي امنگن، اميدن کي چيڀاٽي جيڪڏھن ارھھ زورائي جو ڪو فيصلو ڪيو ويو تھ پاڪستان ۽ سنڌ صوبي ۾ عملي طور تي انتشار پيدا ڪري سگھي ٿو ۽ وڳوڙ جنم وٺي سگھن ٿا. سنڌ کي امڪاني ۽ نظرياتي طور تي مناسب مرحلي لاءِ تيار رھڻ گھرجي ۽ احتجاج جا پرامن طريقا استعمال ڪرڻ گھرجن ڇو تھ سنڌي امن آشني ۽ سڪون جي زندگي گذارڻ چاھن ٿا.
شھيد جمھوريت بينظير ڀٽو جي شھادت کانپوءِ وڳوڙن ۽ ڦرلٽ جي الزامن ۾ سموري سنڌ کي قيد خانو بڻايو ويو ھو. سنڌ عملي طور سازشي عناصرن جي جڪڙ ۾ آھي جتي ھڪ ٻئي منصوبي جي تياري ۾ آھن ملڪ ۾ ھن کان اڳ ۾ لساني ۽ مذھبي تنظيمن طرفان ڪيترائي ڀيرا وڳوڙ، ڀڃ ڊاھھ ۽ ڦرلٽ جا واقعا رڪارڊ تي آھن پر ائين نھ ڪڏھن ٿيو جھڙو تماشو بينظير ڀٽو جي شھيد ٿيڻ بعد سنڌ ۾ سنڌي ماڻھن سان ڪيو ويو. ان حقيقت جي باوجود عام ماڻھو جيڪي پيپلز پارٽي جا ڪارڪن بھ نھ ھئا تن جي مٿان پوليس ايف آءِ آر ۾ نامزد ڄاڻائي گرفتار ڪري انھن کي ڪوڙا ھنيا ويا جيڪي روپوشي جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا ھئا. اھا صورتحال درحقيقت بينظير ڀٽو جي شھادت جي وار کانپوءِ حڪمرانن لاءِ غير متوقع عوامي ردعمل عوام خلاف سندن جوابي حملو ھو.
محترمھ بينظير ڀٽو شھيد، سنڌ مٺڙي امڙ جي ڌيئرن ۽ ڀائرن کي اپيل ٿي ڪري تھ منھنجا ڀائرو مان عورت ٿي حق ۽ سنڌ خاطر ظالمن جون گوليون کاڌيون توھان متحد ٿي ڪري ظالمن جي خلاف آواز اٿاريو. توھان سنڌين جا قلم ھنن لاءِ تير ثابت ٿيندا، منھنجي لھو کي رائيگان نھ ڪجو، وري آءُ سنڌ ڌرتي تي جنم وٺي ايندم، مان سڀ خبر ھوندي بھ ننڍڙا ٻچڙا بيمار ماءُ اللھ جي آسري ڇڏي جيجل ڌرتي تي مظلومن لاءِ سک جا در کولڻ، ظالمن لاءِ قيامت تائين قھر بڻجي آيس، منھنجو اچڻ اوھان لاءِ اميد ۽ آسرو ھو، منھنجو وڃڻ اوھا لاءِ وڏو نقصان آھي جيڪو خال ڀرڻ آسان ناھي، منھنجو شھيد ٿيڻ توھان لاءِ ھڪ وڏو نياپو، پيغام ۽ صدمو آھي تھ ھي ڌرتي ظالمن لاءِ عذاب پيدا ڪندي. اگر توھان سمورا سنڌي گڏجي سامراجيت جو مقابلو ڪريو تھ ڪا بھ دير ناھي، توھان کان ڪير بھ روشنين وارو شھر ڪراچي کسي نھ ٿو سگھي. ان روشنين واري شھر ڪراچي ۾ مان توھان سان روشن ڏيئا کڻي ملڻ ايندس. جنھن ۾ گلاب جي خوشبوءَ سان گڏ ٿڌي ھير محسوس ڪندئو. ائين نھ سمھجھو تھ آءُ اوھان کان الڳ آھيان، مان توھان سان ھميشھ گڏ آھيان. اڄوڪي ڏينھن تي محترمھ بينظير ڀٽو شھيد سان عزت ۽ قرب جو رشتو رکندڙ ۽ سياسي جدوجھد جو احترام ڪندڙ اھل قلم پاران کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪري رھيا آھن. ليکڪ ۽ عام ماڻھو ۾ اھو ئي فرق آھي تھ ليکڪ وڌيڪ پارکو، جذباتي ۽ حقيقت پسند آھي، ڪوڙ کي ڪوڙ ۽ حق کي سچ ڪري پيش ڪندو آھي، ليکڪ قوم جو آواز ھوندو آھي، ڪاٺ جي تختي تي ڌڪ ھڻبو تھ ردعمل ڪو بھ نھ ٿيندو پر ستار جي تار کي فقط آڱر سان ڇھبو تھ ڪيترو ئي وقت پئي دکندي، ليکڪ رڳو پنھنجي سنڌي سماج جو آواز بڻجي فرض نڀائن ۽ سنڌ ۾ رھندڙ ٻيون قومون پنھنجي حصي جو قرض نڀائن تھ سنڌ ڌرتي ماءَ گلاب جي گل جيان مھڪي پوندي. اچو سنڌ ڌرتي کي ماءُ سمجھي ان جو حق ادا ڪريون، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي پيپلز پارٽي جي اخلاقي مدد ڪريون ڇو تھ پيپلز پارٽي سنڌ جي نمائندھ پارٽي آھي. اچو حق ۽ سچ جا راھگير بڻجي مظلوم سنڌي قوم جو ساٿ ڏيون ۽ ڪروڌ کي ھميشھ لاءِ ختم ڪريون.

پهنجو تبصرو موڪليو