نديم علي خواجه
ڏٺو وڃي ته ھن وقت ڀارت ۾ پڻ حالات خراب نظر اچي رھيا آھن، ڀارتي عوام مودي حڪومت خلاف احتجاج ڪري رھي آھي، مودي سرڪار عوام جي بغاوت کي روڪڻ لاء جبر ۽ ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آھي، شاگرد پڻ سندس ظلم کان محفوظ نه آھن، بھارتي جنتا پارٽي 2014 ۾ نريندر مودي جي قيادت ۾ اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوء اقتدار ۾ آئي، ڀارتي عوام کي يقين ھو ته مودي ملڪ لاء بھتر حڪمران ثابت ٿيندو، پر وقت سان گڏوگڏ سندس اصل چھرو پڻ عوام جي سامھون اچڻ لڳو، ھر اليڪشن ۾ ڀارتي جنتا پارٽي اھو ئي نعرو ھڻي ڪاميابي حاصل ڪندي رھي ته “مودي آھي ته ممڪن آھي” پر گھڻو وقت اقتدار ۾ رھڻ سبب مودي سرڪار جي ڪرپشن جا چرچا وڌي رھيا آھن، پر اچانڪ شاگردن جي ھڪ گروپ مودي سرڪار خلاف بغاوت شروع ڪري ڇڏي، اھا بغاوت مودي سرڪار جي وڌنڌڙ ڪرپشن سبب وجود ۾ آئي آھي، گذريل سال جولاء ۾ انھن ئي شاگردن مودي حڪومت کي سندس ئي ڪيل فيصلي کي واپس وٺڻ لاء مجبور ڪري ڇڏيو، مودي حڪومت ۾ امتحاني پيپرن جو ھڪ اسڪينڊل سامھون آيو، جنھنڪري شاگرد متحد ٿي ويا، ۽ ھڪ زوردار تحريڪ ھلي، شاگردن جو مطالبو ھو ته وزير تعليم کي فوري طور تي سندس عھدي تان ھٽايو وڃي، ڇوته سندس وزرات ۾ پيپر کي آئوٽ ڪري من پسند شاگردن کي ڪامياب ڪيو ويو آھي، مودي سرڪار شاگردن جي انھي تحريڪ جي خاتمي لاء طاقت جو پڻ استعمال ڪيو، ڪيترن ئي شاگردن جن ۾ عورتون پڻ شامل ھيون، کين تشدد جو نشانو ويو، پر شاگرد اتحاد مضبوط رھيو، سوشل ميڊيا تي پڻ شاگردن جي تحريڪ کي وڏي اھميت ملڻ لڳي، مودي سرڪار مجبورن پنھنجي حڪومت جي اھم وزير کي تعليم جي وزرات کان محروم ڪري ڇڏيو، جنھنڪري شاگردن ۾ ھڪ طاقت پيدا ٿي، کين يقين ٿي ويو ته ھو متحد ٿي ڪري پنھنجا حق حاصل ڪري سگھن ٿا، انھن شاگردن جي اتحاد کي ڪاڪروچ جنتا پارٽي جو نالو ڏنو ويو، جنھن مودي سرڪار کي پريشان ڪري ڇڏيو، مودي کي يقين ٿي ويو ته مودي سرڪار کي ھاڻي انھي شاگرد اتحاد مان ڪوبه خطرو نه آھي، ھو پنھنجي ڪم سان ڪم رکندا، پر ڪاڪروچ پارٽي کي پڻ طاقت ملي چڪي ھئي، جڏھن انڊيا جي ھڪ اخبار انڊين ايڪسپريس پنھنجي رپورٽ ۾ اھو انڪشاف ڪيو ته اليڪشن ڪميشن جي ٽي رڪني ڪميٽي جي ٻن ميمبرن جي سخت مخالف باوجود به اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين نيش ڪمار ووٽر لسٽ جي اسڪرونٽي جي نالي تي ملڪ ۾ 13 ڪروڙ ووٽ خارج ڪري ڇڏيا آھن، جن ۾ اڪثريت مسلمانن ۽ انھن غير مسلم ووٽرن جي ھئي، جن مودي حڪومت کي ڪڏھن به ووٽ نه ڏنا ھئا، ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪاڪروچ جنتا پارٽي کي مودي حڪومت خلاف تحريڪ ھلائڻ جو موقعو ملي ويو، ڪاڪروچ پارٽي جا نوجوان رستن تي اچي ويا، انھي کان اڳ اھي نوجوان تعليمي نظام کي بچائڻ لاء احتجاج ڪري رھيا ھئا، پر ھن وقت جمھوريت بچائڻ لاء پوليس جو تشدد برداشت ڪرڻ تي مجبور ھئا، ھن احتجاجي تحريڪ جي ڪانگريس، عام آدمي پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي سميت ڪيتريون ئي جمھوريت پسند پارٽيون حمايت ڪري رھيون رھيون، ڪاڪروچ جنتا پارٽي گاندھي جي جنم ڏينھن جي موقعي تي دھلي ۾ احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ته جيئن دنيا کي اھو پيغام ملي سگھي ته ڪاڪروچ پارٽي گاندھي جي امن فلسفي تي عمل ڪري رھي آھي، ڇوته گاندھي ھميشه تشدد جي خلاف رھيو، ھڪ طرف ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي دنيا کي امن جو درس ڏيندڙ گاندھي جي آخري آرام گاھ گلن جي ورکا ڪري رھيو ھو ته ٻئي طرف گاندھي جي جنم ڏينھن جي موقعي تي پوليس پرامن احتجاج ڪندڙ ڪاڪروچ پارٽي جي ڪارڪنن تي تشدد ڪري رھي ھئي، انھي کان اڳ به جمھوريت جي دعوا ڪندڙ مودي سرڪار عوام تي تشدد ڪرڻ معمول بڻائي ڇڏيو ھو، عورتن جي عزت محفوظ نه رھي، شاگردياڻين کي اغوا ڪري سندن عزت لٽي ويئي، ڪجھ ڏينھن اڳ دھلي جي آسٿا گنج پارڪ ۾ پوليس جي وردي ۾ ملوث ٽن ڄڻن ھڪ 13 سالن جي نياڻي سان ريپ ڪيو، جنھنڪري ڪيتريون ئي عورتون رستن تي نڪري آيون، ۽ مودي سرڪار خلاف احتجاج ڪرڻ لڳيو، جڏھن ته ريل جو سفر، عورتن جو اڪيلو گھرن کان نڪرڻ، شاگردياڻين جو اسڪول يا ٽيوشن سينٽر تي وڃڻ، عورتن جو نوڪرين تي وڃڻ انڊيا ۾ خطرو. بڻجي ويو آھي، پوليس پڻ بااثر سياسي اڳواڻن ۽ حڪومتي عھديدارن جي غلام ٿي ويئي آھي، ڀارت ۾ رشوت عروج تي پھچي چڪي آھي، مودي حڪومت جا وزير اربين روپين جي ڪرپشن ۾ ملوث ٿي رھيا آھن، ملڪ ۾ لاقانونيت ۾ اضافو ٿي رھيو آھي، عوام اندر ئي اندر حڪومت خلافت ٿي رھي آھي، مودي سرڪار اھو ئي سمجھي رھي آھي ته ھو اڄ به ڀارت جي ھڪ مضبوط ۽ جمھوريت پسند پارٽي آھي، جنھن کي عوام چاھي ٿي، پر ڀارتي اخبار جي ھڪ رپورٽ موجب مودي سرڪار عوام ۾ پنھنجي مقبوليت وڃائي رھي آھي، مذھب جي نالي تي مودي ووٽ وٺي ڪاميابي ته حاصل ڪري ورتي، پر ھن پنھنجي ئي مذھب جي ماڻھن خلاف ڪاروائي شروع ڪئي آھي، مودي سرڪار جي حڪومت ۾ مسلمانن سان گڏوگڏ عيسائي ۽ ٻيا اقليتي مذھب پڻ محفوظ نه آھن، مودي جا ڇارتا مسلمانن ۽ عيسائين تي روزانو مذھبي بھانو بڻائي تشدد ڪندا رھندا آھن، ڪيترائي مسلمان سندن ظلمن سبب شھيد ٿي ويا آھن، مودي حڪومت انھن انتھا ۽ مذھب پسند دھشتگردن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران انھن کي تحفظ ڏئي رھي آھي، انھن دھشتگردن جي ھمت افزائي ڪري رھي آھي، پر مودي کي اھا خبر نه آھي ته جن دھشتگردن کي ھو پناھ ڏئي رھيو آھي، ۽ سندن ھمت افزائي ڪري رھيو آھي، انھن دھشتگردن سبب ئي سندس حڪومت خلاف عوام جي دلين ۾ نفرت جو ٻج پيدا ٿي رھيو آھي، اھو ٻج ڪنھن به وقت ھڪ وڻ ٿي مودي حڪومت لاء ئي خطرو پيدا ڪندو، اھو وقت پري نه آھي، جڏھن ڀارتي چونڊن ۾ مودي کي عبرتناڪ شڪست ملندي، ۽ ملڪ ۾ ڪانگريس پارٽي سميت ٻيون امن پسند، عوام دوست ۽ ملڪ جي ترقي ۾ اھم ڪردار ادا ڪندڙ سياسي پارٽيون ڪاميابي حاصل ڪري جمھوريت جو نئون بنياد وجھنديون، ۽ ڀارت جي عوام ھڪ ڀيرو ٻيھر محبت ۽ دوستي جي ماحول ۾ رھنديون، ملڪ ۾ مذھبي انتھا پسندي جو مڪمل خاتمو اچي ويندو، عورتن کي پڻ مڪمل تحفظ حاصل ٿيندو، ڀارت جا پاڪستان سميت ٻين ملڪن سان پڻ لاڳاپا بھتر ۽ مضبوط ٿيندا، ھڪ ڀيرو ٻيھر ڀارت ۽ پاڪستان جو سرحدون عوام لاء کلي وينديون، ڪشمير سميت ڪيترائي مسئلا ڳالھين ذريعي حل ٿيندا.










