سريلنڪا خلاف صاحبزاده کي ڪپتان برقرار رکڻ جي تجويز

سريلنڪا خلاف صاحبزاده کي ڪپتان برقرار رکڻ جي تجويز

لاهور)ويب ڊيسڪ)ايشين گيمز ۾ پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي قيادت ڪندڙ اوپننگ بيٽر صاحبزاده فرحان کي سريلنڪا خلاف هوم سيريز ۾ به ڪپتان برقرار رکڻ جي تجويز سامهون اچي وئي. ذريعن موجب هيڊ ڪوچ مائڪ هيسن ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ سلمان علي آغا جي جاءِ تي صاحبزاده فرحان کي ڪپتان بڻائڻ جي حق ۾ آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سريلنڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ نوجوان رانديگرن کي موقعو ڏيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 2028ع جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کي نظر ۾ رکندي مستقبل لاءِ رانديگرن جو پول تيار ڪرڻ تي پڻ ڪم جاري آهي. ذريعن موجب فخر زمان، شاهين آفريدي ۽ حارث رؤف جي سريلنڪا خلاف سيريز ۾ واپسي جا امڪان ناهن. واضح رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جا مقابلا 9، 11 ۽ 13 آڪٽوبر تي راولپنڊي ۾ کيڏيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو