لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي عورتن واري ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني آءِ سي سي وومينز ايمرجنگ نيشنز ٽرافي ۾ شرڪت ڪندي. آءِ سي سي وومينز ايمرجنگ نيشنز ٽرافي 12 کان 26 نومبر تائين بئنڪاڪ ۾ شيڊيول آهي. ايونٽ لاءِ پاڪستاني ٽيم جو اعلان قومي وومينز ٽي 20 ٽورنامينٽ ۾ رانديگرياڻين جي ڪارڪردگيءَ کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويندو.قومي وومينز ٽي 20 ٽورنامينٽ فيصل آباد ۾ جاري آهي، جنهن جي فائنل 25 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي. ايمرجنگ نيشنز ٽرافي ۾ ايسوسيئيٽ ملڪن جون پنج عورتن واريون ٽيمون شامل آهن، جڏهن ته مجموعي طور 10 ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. ٽورنامينٽ ۾ سپر سڪس مرحلو پڻ رکيو ويو آهي. گروپ اي ۾ آئرلينڊ، سريلنڪا، پاپوا نيو گني، اسڪاٽ لينڊ ۽ گڏيل عرب امارات شامل آهن، جڏهن ته گروپ بي ۾ پاڪستان، بنگلاديش، ٿائلينڊ، نيدرلينڊز ۽ زمبابوي جون ٽيمون شامل آهن.










