لاھور(ويب ڊيسڪ) هانگ ڪانگ سڪسز ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ لاءِ پاڪستاني ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ عباس آفريدي کي ڪپتان برقرار رکيو ويو آهي.ٽن ڏينهن وارو ٽورنامينٽ 30 آڪٽوبر کان پهرين نومبر تائين کيڏيو ويندو، جنهن ۾ 12 ٽيمون حصو وٺنديون.ٽورنامينٽ ۾ ٽيمن کي 4 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان کي گروپ سي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. قومي ٽيم جو مئنيجر رضا ڪچلو هوندو. پاڪستاني اسڪواڊ ۾ ڪپتان عباس آفريدي، عبدالصمد، احمد دانيال، محمد عرفان خان، خواجا نافع، محمد شهزاد ۽ سعد مسعود شامل آهن. قومي ٽيم 28 آڪٽوبر تي هانگ ڪانگ رواني ٿيندي. ياد رهي ته پاڪستان گذريل سال هانگ ڪانگ سڪسز ٽورنامينٽ کٽيو هو.










