پاڪستان ون ڊي رينڪنگ ۾ آسٽريليا کان اڳتي نڪري ويو

پاڪستان ون ڊي رينڪنگ ۾ آسٽريليا کان اڳتي نڪري ويو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ٽه ملڪي ون ڊي سيريز ۾ انگلينڊ کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ پاڪستان آءِ سي سي ون ڊي ٽيم رينڪنگ ۾ آسٽريليا کي پوئتي ڇڏي چوٿين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. پاڪستان ٽه ملڪي سيريز ۾ سريلنڪا ۽ انگلينڊ خلاف لڳاتار ڪاميابيون حاصل ڪرڻ بعد عالمي رينڪنگ ۾ بهتري ماڻي آهي. آءِ سي سي جي ون ڊي ٽيم رينڪنگ موجب پاڪستان 103 ريٽنگ پوائنٽن سان چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته آسٽريليا ان کان هيٺ هليو ويو آهي. رينڪنگ ۾ ڀارت 115 پوائنٽن سان پهرين، نيوزيلينڊ 109 پوائنٽن سان ٻئي ۽ ڏکڻ آفريڪا 104 پوائنٽن سان ٽئين نمبر تي موجود آهي. پاڪستان جي رينڪنگ ۾ اها بهتري اڱاري ڏينهن انگلينڊ خلاف 87 رنسن جي شاندار ڪاميابي کانپوءِ آئي، جنهن سان قومي ٽيم ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي ڪاميابين جو سلسلو برقرار رکيو.

پهنجو تبصرو موڪليو