لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ انڊر 19 پاڪستان کي 4 ڏينهن جي ميچ ۾ 10 رنسن سان شڪست ڏني.262 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾، پاڪستان انڊر 19 ٽيم 251 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، عبدالقادر 80 رنسن جي اننگز کيڏي، فرحان يوسف 47 رنسون ٺاهيون.انگلينڊ انڊر 19 جي ٻئي اننگز ۾، احمد حسين 4 وڪيٽون، محمد حذيفه 3 وڪيٽون ۽ محمد صيام 2 وڪيٽون ورتيون.ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ 4 ميچن جي ون ڊي سيريز 9 سيپٽمبر کان شروع ٿيندي.










