پاڪستان جي سريلنڪا کي 37 رنز تان شڪست، آغا جي سينچري

پاڪستان جي سريلنڪا کي 37 رنز تان شڪست، آغا جي سينچري

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)ٽه ملڪي ون ڊي ٽورنامينٽ جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان سريلنڪا کي 37 رنز تان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي.
سريلنڪا ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، پاڪستان جي پوري ٽيم 49.5 اوورن ۾ 305 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. سلمان آغا 107، بابراعظم 45 ۽ ڊيبيو ڪندڙ وڪٽ ڪيپر بيٽر سعد بيگ 39 رنز ٺاهي نمايان رهيا.
ايشان ملنگا 46 رنز ڏئي 4، اَسٿا فرنانڊو 59 رنز ڏئي 3، دلشان مڌوشنڪا 67 رنز ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ سريلنڪا جي ٽيم 48.1 اوورن ۾ 268 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. پون رٿنايڪي 79، جينٿ ليانيج 60 ۽ ڪمندو مينڊس 44 رنز ٺاهي نمايان رهيا.
شاهين آفريدي 55 رنز ڏئي 3 وڪيٽون، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون.
پاڪستان 20 آڪٽوبر تي بئي ميچ انگلينڊ سان کيڏندو ۽ 22 آڪٽوبر تي سريلنڪا ۽ انگلينڊ جو ميچ ٿيندو. جنهن بعد بقايا 4 ميچز لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو