نينگري جي علاج جا سمورا خرچ پيسڪو کي ڀرڻ جو حڪم

نينگري جي علاج جا سمورا خرچ پيسڪو کي ڀرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻئي هٿ وڃائيندڙ 9 ورهين جي نينگري لبابه جي علاج، جديد مصنوعي هٿن ۽ بحاليءَ جا سمورا خرچ ڀرڻ بابت صدرِ پاڪستان جو فيصلو برقرار رکندي پشاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (پيسڪو) جي درخواست رد ڪري ڇڏي.جسٽس اعظم خان جي عدالت ڪيس جو 11 صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪندي پيسڪو جي درخواست خارج ڪري ڇڏي ۽ متاثر نينگريءَ جي علاج توڙي بحاليءَ جي انتظامن بابت حڪم برقرار رکيو. عدالت پيسڪو کي هدايت ڪئي ته نينگري لبابه جي آرمڊ فورسز انسٽيٽيوٽ آف ريهيبليٽيشن ميڊيسن، راولپنڊيءَ مان مڪمل طبي جاچ ڪرائي وڃي. عدالت قرار ڏنو ته پيسڪو نينگريءَ جي جديد مصنوعي هٿن، علاج ۽ بحاليءَ جا سمورا خرچ ڀرڻ جي پابند هوندي. عدالتي فيصلي موجب، جيڪڏهن گهربل علاج يا مصنوعي عضوا فراهم ڪرڻ جي سهولت پاڪستان ۾ موجود نه هجي ته پيسڪو کي پرڏيهه ۾ علاج جا خرچ به برداشت ڪرڻا پوندا. لکت واري فيصلي ۾ عدالت چيو ته بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي ذميواري رڳو بنا رنڊڪ بجلي فراهم ڪرڻ تائين محدود ناهي، پر انساني جانين جو تحفظ ۽ حفاظتي گهرجن تي عمل يقيني بڻائڻ به سندن ذميواري آهي. وفاق پاران ڊپٽي اٽارني جنرل راجا ضميرالدين ڪيس جي پيروي ڪئي. واضح رهي ته جولاءِ 2021ع ۾ خيبرپختونخوا جي ضلعي چارسده جي علائقي پير قلعي ۾ 11 هزار وولٽ بجليءَ جي تار ڪرڻ سبب نينگري لبابه سخت سڙي زخمي ٿي پئي هئي. حادثي ۾ سندس ٻئي هٿ ڪٽڻا پيا، جنهن سبب هوءَ مستقل معذوريءَ جو شڪار ٿي وئي. نينگريءَ جي وارثن معاوضي ۽ علاج جي سهولت لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو هو. وفاقي محتسب شروعاتي طور سندن شڪايت منظور ڪئي، پر بعد ۾ نظرثاني واري اپيل تي فيصلو تبديل ڪيو ويو. بعد ۾ صدرِ پاڪستان 30 آڪٽوبر 2025ع تي پنهنجي فيصلي ۾ پيسڪو کي نينگريءَ جي علاج ۽ مصنوعي عضون جي فراهميءَ جا انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، جنهن کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ برقرار رکيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو