حيدرآباد(ن س) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ۽ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن وچ ۾ تاريخي نياز اسٽيڊيم پي سي بي حوالي ڪرڻ جو معاهدو اڄ ٿيندو، جنهن جي مدي 20 سال هوندي. معاهدي کانپوءِ پي سي بي نياز اسٽيڊيم کي عالمي معيار موجب اپ گريڊ ڪندو.حيدرآباد جي تاريخي نياز اسٽيڊيم کي پي سي بي جي انتظام هيٺ ڏيڻ واري معاهدي جي تقريب نياز اسٽيڊيم ۾ ٿيندي.معاهدي موجب اسٽيڊيم جو مڪمل انتظامي ڪنٽرول پي سي بي وٽ هوندو، جڏهن ته اسٽيڊيم جي ملڪيت حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن وٽ ئي رهندي.معاهدي تحت اسٽيڊيم جا سمورا تجارتي حق، جن ۾ ٽڪيٽنگ، اسپانسرشپ، اشتهار، نشرياتي حق ۽ پارڪنگ شامل آهن، پي سي بي وٽ هوندا. مالي شرطن موجب پي سي بي ميونسپل ڪارپوريشن کي ماهوار 10 هزار رپيا ڪرايو ادا ڪندو، جيڪو هر سال جي شروعات ۾ يا ان کان اڳ ايڊوانس ۾ ادا ڪيو ويندو.ان کان علاوه ٽڪيٽ وارن ڪرڪيٽ ميچن جي گيٽ وصولين مان پي سي بي کي حاصل ٿيندڙ خالص منافعي جو 20 سيڪڙو حصو ميونسپل ڪارپوريشن کي ڏنو ويندو.معاهدي موجب پي سي بي نياز اسٽيڊيم کي عالمي معيار موجب اپ گريڊ ڪندو، جنهن ۾ پچ ۽ آئوٽ فيلڊ، فلڊ لائٽس، ڊريسنگ رومز، تماشائين لاءِ اسٽينڊز، هاسپيٽلٽي باڪسز ۽ پارڪنگ جون سهولتون شامل آهن.اسٽيڊيم جي سار سنڀال ۽ انشورنس جي ذميواري پڻ پي سي بي جي هوندي. معاهدي تحت پي سي بي اسٽيڊيم ۾ عالمي، فرسٽ ڪلاس ۽ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جا ميچ ڪرائي سگهندو، جڏهن ته حيدرآباد ۾ اهم ميچون ڪرائڻ لاءِ به مناسب ڪوششون ڪندو. معاهدي موجب پي سي بي کي اسٽيڊيم يا ان جي ڪنهن حصي کي فرنچائز يا ڪنهن ٽئين ڌر کي سب لائسنس تي ڏيڻ جو اختيار پڻ حاصل هوندو.










