طفيل مگسي
پاڪستان جي سياسي ۽ رياستي تاريخ جو اصل مسئلو اهو آهي ته تمام وڏيون طاقتون۔عمران خان۔نواز شريف۔پيپلز پارٽي۔جمعيت علماء اسلام۔خلائي قيادت ۽ عدليه۔پنهنجن گروهي مفادن جي لاء ڪم ڪندا رهيا آهن ۽ اڄ به اهي انهيء کي حق و سچ جي ويڙھ جي طور تي پيش ڪن ٿا۔جڏهن ته اسان جو بيوقوف عوام اهو نٿو پرکي ته اهي سياسي شخصيتون هڪ ٻيئي تي تنقيد ڪن ٿيون ۽پر انهيء نظام جي مدد سان پنهنجيون جڳهون مضبوط ڪن ٿيون۔
گروهي مفاد ۽ پروجيڪٽس:
پاڪستان جي سياست سدائين طاقت ۽ پروجيڪٽس جو ميدان رهي آهي۔عمران پروجيڪٽ۔نواز شريف ۽ شهباز شريف جا سياسي تجربا۔پيپلزپارٽي ۽ جمعيت علماء اسلام جا قدم۔سڀني اقتدار جي لاء پنهنجا پنهنجا طريقا اختيار ڪيا آهن۔جڏهن ته اڪثر شفايت ۽ جهموري اصول پوئتي رهجي ويا۔ليڪن حقيقت اهائي آهي ته مقصد اقتدار ۽ طاقت جي حاصلات رهي۔
طاقت جي راند ۽ رياستي ادارا:
عمران خان پروجيڪيٽ ۾ خلائي مخلوق ،عدليه،ميڊيا ۽ رياستي وسيلا اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا،ليڪن هينئر اهو گروه پاڻ اسٽبلشمنٽ جي لاء سڀ کان وڏو چيلنج بڻجي ويو آهي۔شهباز شرف ۽ ٻيا پروجيڪٽ به ساڳئي طرز جا تجربا آهن،پيپلز پارٽي،جمعيت علماء اسلام ۽ ٻيون سياسي پارٽيون به گروهي مفادن واري راند جو حصو رهيون آهن۔ ۽ سڀنيء عوامي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاء پنهنجي سوچ کي ملڪ جي مفاد جو نقاب پارايو۔
اڄ عمران خان جا قومي اسيمبلي ۾ نمائندا محمود اچڪزئي ۽ علامه ناصر عباس آهن،جڏهن ته اسٽيبلشمنٽ جا نوڪر ۽ ساٿي زرداري ۽ شهباز شريف آهن۔ٻنهي ڌرين جا حامي انهيء کي حق و سچ جي ويڙھ قرار ڏين ٿا،ليڪن حقيقت اها آهي ته اهي ماڻهو اڳ ۾ هڪٻئي جا سخت مخالف هئا۔طاقت جون اهي رانديون عوام جي نگاهن کان اڪثر لڪل رهن ٿيون،ليڪن ملڪ جي سياست ۾ تسلسل ۽ شفايت جي لاء ان حقيقت کي سمجهڻ ضروري آهي۔
پاڪستان جي موجوده ڳمڀير مسئلن جا بنيادي سبب اهي آهن ته سياسي پارٽين،مخلوق ۽ عدليه۔۔۔سڀ پنهنجن گروهي مفادن کي ملڪ جي مفاد جي نالي تي پيش ڪن ٿيون۔حقيقي تجزيو اهوئي ئي آهي ته طاقت جي حاصلات اڄ به مقصد آهي،۽ عوام،سياستدان ۽ اسٽيبلشمنٽ۔۔۔ٽنهيء کي انهيء حقيقت جو اعتراف ڪرڻو پوندو۔
پاڪستان جي سياست ۾ ڪا به طاقت مڪمل طور تي اخلاقي يا اصولي ناهي رهي۔هر ڌر گروهي مفادن جي لاء بيانو گهڙيو ۽ عوامي اعتماد استعمال ڪيو۔هاڻي وقت آهي ته:
سڀ پنهنجين غطين کي تسليم ڪن۔
گروهي مفادن ۽ ملڪي مفاد ۾ فرق سڃاڻين۔
طاقت جي حاصلات کي آئيني ۽ عوامي دائري ۾ محمود ڪن۔
نه ته اهائي گروهي راند ملڪي نظام جي لاء مستقل بحران جو سبب بڻجندي رهندي۔شفايت،آئيني تسلسل ۽ عوامي شعور ئي پاڪستان جي سياسي استحڪام جي ضمانت ٿي سگهن ٿا۔جي ائين نه ڪيو ويو ته هي ملڪ مسلسل بحرانن جي ور چڙهي ايترو ته اڳتي نڪري ويندو جو ساڳئي رستي تي هن جي واپسي ناممڪن بڻجي ويندي۔شرم جي ڳالھ اها آهي ته سموريون طاقتور ڌريون پنهنجن پنهنجن فائدن ۽ عياشين جي لاء ڪوئي ٻليء واري راند کيڏي رهيون آهن۔جڏهن ته انهن جو پنهنجي عوام جي غربت ڏانهن ڪو به ڌيان ئي نٿو رهي۔










