ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي اداڪار نانا پاٽيڪر 75 ورهين جي ڄمار ۾ 8 آڪٽوبر تي گوا ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو. پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب سندس موت دل جي شريان ۾ رت جو دڳ ڦاسڻ سبب ٿيو. ڀارتي خابرو اداري پي ٽي آءِ موجب گوا ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال جي هڪ سينيئر ڊاڪٽر ٻڌايو ته رت جي دڳ سبب دل کي رت جي فراهمي متاثر ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ اداڪار حياتي وڃائي ويٺو.ڊاڪٽرن موجب نانا پاٽيڪر جي طبيعت خراب ٿيڻ تي سندس سارسنڀال ڪندڙ شخص ايمبولينس گهرائي. طبي عملي ۽ ڊاڪٽرن کيس بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ 45 منٽن تائين سي پي آر ڏنو، پر کيس بچائي نه سگهيا. اداڪار کي صبح جو 5 لڳي 10 منٽن تي فوت ٿيل قرار ڏنو ويو. اداڪار جو پٽ ملھار والد جي مڙهه وصول ڪرڻ لاءِ گوا پهتو، جنهن کانپوءِ مڙهه پهريان پوني ۽ پوءِ ڊونجي ڳوٺ ۾ قائم فارم هائوس منتقل ڪيو ويو، جتي سرڪاري اعزازن سان آخري رسمون ادا ڪيون ويون. آخري رسمن ۾ مهاراشٽر جي نائب وڏي وزير سنئيترا پوار، مرڪزي وزيرن رام داس اٺاولي ۽ مرلي ڌر موهول، اداڪار جيڪي شراف سميت بالي ووڊ ۽ ٻين شعبن سان واسطو رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. نانا پاٽيڪر هندي ۽ مراٺي سئنيما ۾ چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين ڪم ڪيو. هو اداڪاريءَ سان گڏ ليکڪ ۽ هدايتڪار پڻ هو. فلمي دنيا ۽ فن جي شعبي ۾ خدمتن جي مڃتا طور کيس 2013ع ۾ ڀارت جي چوٿين وڏي شهري اعزاز ”پدم شري“ سان نوازيو ويو هو. هن 1978ع ۾ مظفر علي جي فلم ”گامن“ ذريعي هندي فلمن ۾ پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪئي، جڏهن ته فلم ”پرھار: دي فائنل اٽيڪ“ ذريعي هدايتڪاريءَ جي ميدان ۾ قدم رکيو. ان فلم ۾ هن فوجي آفيسر جو ڪردار پڻ ادا ڪيو هو. فراهم ڪيل ڄاڻ موجب نانا پاٽيڪر آخري ڀيرو 2026ع ۾ رليز ٿيل فلم ”صوبيدار“ ۾ مختصر ڪردار ۾ نظر آيو، جنهن ۾ انيل ڪپور ۽ رادھيڪا مدن پڻ اهم ڪردار ادا ڪيا.










