ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور سينيئر اداڪار نانا پاٽيڪر 75 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڀارتي ميڊيا موجب نانا پاٽيڪر کي خميس جي صبح بيهوشي واري حالت ۾ گوا جي هڪ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.رپورٽن موجب نانا پاٽيڪر گوا ۾ پنهنجي فليٽ تي موجود هو، جتي کيس اوچتو سخت ڇاتيءَ ۾ سور جي شڪايت ٿي. اطلاع ملڻ تي طبي عملي کي فوري طور سندس رهائشگاهه تي موڪليو ويو، جتان کيس ايمرجنسي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.اداڪار جي پٽ ملہار پاٽيڪر موجب، سندس والد کي سخت ڇاتيءَ ۾ سور جي شڪايت کانپوءِ طبي ٽيم فليٽ تي پهتي ته ان وقت تائين هو بيهوش ٿي چڪو هو. کيس ترت اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن صبح 5 لڳي 20 منٽن تي سندس موت جي تصديق ڪئي. نانا پاٽيڪر جو اصل نالو وشواناٿ پاٽيڪر هو. هو هندي ۽ مراٺي سئنيما جي نامور ۽ باوقار اداڪارن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ پنهنجي فني صلاحيتن سبب ڀارتي فلمي دنيا ۾ منفرد سڃاڻپ رکندو هو.










