اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان پنهنجي خلاف الزامن بابت نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) کي ٽيون خط لکي ڇڏيو، جنهن ۾ هن وڌيڪ سوالن تي وضاحت طلب ڪري ورتي آهي.محمد رضوان اين سي سي آءِ اي کي 2 آڪٽوبر تي جاچ ۾ پيش ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته کيس نوٽيس ملي ويو آهي ۽ هو 2 آڪٽوبر تي انڪوائري ۾ شامل ٿيندو. خط ۾ رضوان چيو ته پهرين نوٽيس ۾ آن لائن بيٽنگ ۽ جوا کيڏڻ جا الزام لڳايا ويا هئا، جڏهن ته عدالت ۾ ايجنسي طرفان پيڪا 2016 تحت اليڪٽرانڪ فراڊ واري شق جو ذڪر ڪيو ويو. نئين نوٽيس ۾ آن لائن بيٽنگ ۽ جوا جي الزامن جو ذڪر ناهي، تنهن ڪري صورتحال واضح ڪئي وڃي. هن سوال ڪيو ته ڇا انڪوائري اڃا به آن لائن بيٽنگ يا جوا واري معاملي بابت آهي؟ پيڪا 2016 جون ڪهڙيون مخصوص شقون جاچ سان لاڳاپيل آهن؟ جيڪڏهن پهرين نوٽيس کانپوءِ انڪوائري جو دائرو تبديل ڪيو ويو آهي ته موجوده دائري کان لکيل طور آگاهه ڪيو وڃي. محمد رضوان وڌيڪ پڇيو ته ڇا جاچ بابت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي)، آءِ سي سي جي اينٽي ڪرپشن يونٽ يا ڪرڪيٽ سان لاڳاپيل ڪنهن ٻئي اداري کي آگاهه ڪيو ويو آهي؟ ڇا پي سي بي يا آءِ سي سي کان ڪا معلومات حاصل ڪئي وئي يا رابطو ڪيو ويو؟وڪيٽ ڪيپر چيو ته سندس موبائل فون هن وقت اين سي سي آءِ اي وٽ آهي، جنهن جو پاسورڊ هن انگلينڊ جي دوري ۽ پهرين پيشِي دوران فراهم ڪيو هو. سندس چوڻ موجب سندس موجودگي ۾ موبائل فون کي ٻيهر کوليو ۽ چيڪ ڪيو ويو، پر موبائل ضبط ڪرڻ جي رسيد، وارنٽ، ڪسٽڊي رڪارڊ يا فون مسلسل پنهنجي تحويل ۾ رکڻ بابت ڪا لکيل دستاويز فراهم نه ڪئي وئي. رضوان مطالبو ڪيو ته فرانزڪ جاچ بابت جيڪڏهن سندس ذاتي سهڪار جي وڌيڪ ضرورت آهي ته ان بابت آگاهه ڪيو وڃي، فرانزڪ معائنو بنا دير مڪمل ڪري سندس موبائل فون واپس ڪيو وڃي.محمد رضوان چيو ته کيس اڃا تائين واضح طور تي نه ٻڌايو ويو آهي ته اصل الزام ڇا آهي، تنهن هوندي به هو ڪنهن به قانوني انڪوائري ۾ مڪمل سهڪار ۽ تعاون لاءِ تيار آهي.










