معاذ صداقت ’360 ڊگري بيٽر‘ آهي: بشپ

معاذ صداقت ’360 ڊگري بيٽر‘ آهي: بشپ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ايان بشپ سريلنڪا خلاف شاندار بيٽنگ ڪرڻ تي پاڪستان جي نوجوان بيٽر معاذ صداقت جي واکاڻ ڪندي کيس ’360 ڊگري بيٽر‘ قرار ڏنو آهي. معاذ صداقت راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٻي ٽي 20 انٽرنيشنل ميچ ۾ رڳو 51 بالن تي 96 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي. سندس اننگز ۾ ڇهه چوڪا ۽ ست ڇڪا شامل هئا. هو پنهنجي پهرين ٽي 20 انٽرنيشنل سينچري مڪمل ڪرڻ کان رڳو چار رنسون پري رهجي ويو. ايان بشپ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ نوجوان بيٽر جي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيندي لکيو ته کيس ڪيريبين پريميئر ليگ (سي پي ايل) 2026ع ۾ جميڪا ڪنگز مين طرفان کيڏندي معاذ صداقت جي صلاحيت ڏسي خوشي ٿي هئي. هن وڌيڪ لکيو ته معاذ جي شاندار فارم پاڪستان لاءِ به برقرار آهي ۽ هو نوجوان بيٽر جي ڪامياب مستقبل لاءِ دعاگو آهي. ايان بشپ معاذ صداقت کي سٺو ’360 ڊگري بيٽر‘ قرار ڏنو. ڪرڪيٽ جي اصطلاح ۾ ’360 ڊگري بيٽر‘ اهڙي بيٽر کي چيو ويندو آهي، جيڪو ميدان جي مختلف حصن ۾ مختلف انداز سان شاٽس کيڏڻ جي صلاحيت رکندو هجي. معاذ صداقت جي جارحاڻي بيٽنگ جي نتيجي ۾ پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 215 رنسون ٺاهيون. پاڪستاني ڪپتان صاحبزاده فرحان به شاندار بيٽنگ ڪندي 44 بالن تي 73 رنسون ٺاهيون، جن ۾ چار چوڪا ۽ پنج ڇڪا شامل هئا. جواب ۾ سريلنڪا جي ٽيم پاڪستاني بالرن جو مقابلو نه ڪري سگهي ۽ مقرر 20 اوورن ۾ ستن وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 133 رنسون ٺاهي سگهي. اهڙيءَ ريت پاڪستان 82 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪري ٽن ميچن جي سيريز ۾ ٻڙيءَ جي مقابلي ۾ ٻن ميچن جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو