مهانگائي ماري ڇڏيو، ارباب اختيار رحم ڪن: راشد محمود

مهانگائي ماري ڇڏيو، ارباب اختيار رحم ڪن: راشد محمود

لاهور(ويب ڊيسڪ) ٽي وي ۽ فلم جي سينيئر اداڪار راشد محمود مهانگائي ۽ بيروزگاري تي ڳڻتي ظاهر ڪندي حڪومت کان عوام جون ڏکيائون گهٽائڻ جي اپيل ڪئي آهي. وڊيو بيان ۾ راشد محمود چيو ته هو گذريل 5 مهينن کان جوڑن جي سور ۾ مبتلا آهي، جڏهن ته اڳ ئي دل جو مريض آهي ۽ کيس 4 ڀيرا دل جا دورا پڻ پئجي چڪا آهن. هن چيو ته ڪيترن ئي مهينن کان کيس اداڪاريءَ جو ڪم به نه مليو آهي. راشد محمود چيو ته ”اسان ٽيليويزن جي صنعت جوڙي، سڄي برصغير کي ڊرامو سيکاريو، پر اڄ اسان ئي بيروزگار آهيون.“ هن چيو ته هو پنهنجي قدرن سان جڙيل آهي، پر هن وقت سخت تڪليف ۾ آهي ۽ ڪم کان محروم آهي. سينيئر اداڪار چيو ته کيس رڳو اداڪاريءَ جو ڪم اچي ٿو، کيس صدارتي ايوارڊ پڻ ملي چڪو آهي ۽ عوام کيس اسٽار بڻايو، جڏهن ته رزق الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي، پر هن وقت هو بيروزگار آهي. هن چيو ته مهانگائي سندس لاءِ ناقابل برداشت بڻجي وئي آهي، اڄ ئي گاڏي ۾ 4 هزار رپين جو پيٽرول وجهرايو آهي، جڏهن ته روزمرهه جي ضرورت وارين شين جون قيمتون پڻ تمام گهڻيون وڌي ويون آهن.راشد محمود حڪومت کي اپيل ڪندي چيو ته حڪومت عوام جون تڪليفون گهٽائڻ لاءِ هوندي آهي، ارباب اختيار اسان جي حال تي رحم ڪن، اسان بيمار ماڻهو آهيون ۽ حڪومت جي رحم ڪرم تي آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو