ويسٽ انڊيز خلاف سنچري، ڪوهلي جون  15 هزار رنسون مڪمل

ويسٽ انڊيز خلاف سنچري، ڪوهلي جون 15 هزار رنسون مڪمل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اڳوڻي ڪپتان ۽ تجربيڪار بيٽر ويرات ڪوهلي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ هڪ ٻيو اهم سنگ ميل حاصل ڪري ورتو. هن ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ شاندار سنچري اسڪور ڪندي 15 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون. 37 ورهين جي ويرات ڪوهلي ڪيرالا جي شهر ترواننت پورم ۾ ويسٽ انڊيز خلاف 139 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي، جيڪا سندس ون ڊي ڪيريئر جي 55هين سنچري هئي.ڪوهلي 303هين اننگز ۾ 15 هزار رنسون مڪمل ڪري سچن ٽنڊولڪر کانپوءِ اهو اعزاز حاصل ڪندڙ دنيا جو ٻيو بيٽر بڻجي ويو. هن اهو سنگ ميل ٽنڊولڪر جي ڀيٽ ۾ 74 اننگز گهٽ کيڏي حاصل ڪيو. سچن ٽنڊولڪر پنهنجي شاندار ڪيريئر دوران ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 18 هزار 426 رنسون ٺاهيون هيون ۽ 15 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ کيس 377 اننگز کيڏڻيون پيون هيون.ويرات ڪوهلي ۽ ڪپتان شبمن گل جي شاندار سنچرين جي مدد سان ڀارت پهرين ون ڊي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز پاران ڏنل 297 رنسن جو هدف ٻن وڪيٽن جي نقصان تي آسانيءَ سان حاصل ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو