سيف ڪرينا کي شاديءَ جي آڇ ڪيترا ڀيرا ڪئي؟ اداڪارا جو انڪشاف

سيف ڪرينا کي شاديءَ جي آڇ ڪيترا ڀيرا ڪئي؟ اداڪارا جو انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور جوڙي سيف علي خان ۽ ڪرينا ڪپور خان جي محبت جي ڪهاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن ۾ اچي وئي آهي. ڪامريڊين ڪپل شرما جي شو دي گريٽ انڊين ڪپل شو ۾ شرڪت دوران ڪرينا ڪپور پنهنجي شاديءَ بابت دلچسپ انڪشاف ڪيو. ڪرينا ٻڌايو ته سيف علي خان کيس پهريون ڀيرو ممبئي، ٻيو ڀيرو يونان ۽ ٽيون ڀيرو پيرس ۾ شاديءَ جي آڇ ڪئي هئي. هن پهرين ٻن آڇن کي رد ڪيو، پر ٽيون ڀيرو ها ڪئي. سيف علي خان مزاحيه انداز ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪرينا ممبئي ۾ ئي ها ڪري ها ته سندس ڪافي پئسا بچي وڃن ها. واضح رهي ته ٻنهي جي محبت 2007ع ۾ فلم ٽشن جي شوٽنگ دوران شروع ٿي ۽ ڪيترن سالن تائين هڪ ٻئي سان لاڳاپن ۾ رهڻ کانپوءِ آڪٽوبر 2012ع ۾ شادي ڪيائون. ٻنهي کي ٻه پٽ، تيمور علي خان ۽ جهانگير علي خان آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو