ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي فاسٽ بالر ڪائنات امتياز عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) موجب ڪائنات امتياز 19 ون ڊي ۽ 21 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. ڪائنات امتياز 2010ع ۽ 2014ع ۾ ايشين گولڊ ميڊل کٽيندڙ پاڪستاني ٽيم جو حصو رهي. هن آخري ون ڊي ميچ جنوري 2023ع ۾ آسٽريليا خلاف، جڏهن ته آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ آڪٽوبر 2022ع ۾ ٿائيلينڊ خلاف کيڏيو هو. ڪائنات امتياز ڪرڪيٽ ڪمينٽري سان پڻ لاڳاپيل رهي آهي، جڏهن ته تازو ئي وومين ميچ ريفري طور به پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي آهي. ڪائنات امتياز جي والده سليمه امتياز جو تعلق پڻ امپائرنگ جي شعبي سان آهي. سليمه امتياز آءِ سي سي انٽرنيشنل ڊولپمينٽ پينل ۾ شامل ٿيندڙ پاڪستان جي پهرين وومين امپائر آهي. سليمه امتياز هن وقت تائين 9 وومين ون ڊي انٽرنيشنل ۽ 69 وومين ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن ۾ امپائرنگ ڪري چڪي آهي.










