منهنجو صرف هڪ دوست آهي ۽ اهو ماني آهي: حرا

منهنجو صرف هڪ دوست آهي ۽ اهو ماني آهي: حرا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستاني اداڪارا حرا ماني پنهنجي ازدواجي زندگي بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته مڙس ۽ زال وچ ۾ اختلاف ۽ جهيڙا معمول جي ڳالهه آهن، پر مڙس جو دوست هجڻ ڪامياب ازدواجي زندگي جو اهم سبب آهي.حرا ماني انسٽاگرام اسٽوري ذريعي ٻڌايو ته ائين ناهي ته هوءَ ۽ ماني پاڻ ۾ جهيڙو نٿا ڪن، پر ٻنهي وچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن شديد اختلاف به ٿيندا آهن. اداڪارا موجب مڙس ۽ زال وچ ۾ عام جهيڙو ته ٿيندو ئي آهي، جڏهن ته ڪڏهن ڪڏهن ڳالهه سخت جهيڙي تائين به پهچي ويندي آهي. هن چيو ته هوءَ ۽ ماني ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا جهيڙيندا آهن، پر هن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته سندس مڙس ئي سندس دوست بڻجي ويندو. حرا ماني چيو ته هن ڪيترن ئي ماڻهن کان ٻڌو آهي ته سندن مڙس سٺا ناهن، پر هوءَ پنهنجي مڙس سان سڄو ڏينهن ڳالهائيندي رهندي آهي، ايتري قدر جو جهيڙي دوران به ٻنهي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جاري رهندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ماشاءَالله سندس صرف هڪ دوست آهي ۽ اهو ماني آهي، جڏهن ته اداڪارا نظر بد کان بچڻ لاءِ دعا پڻ ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو