ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستاني اداڪارا نازش جهانگير چيو آهي ته ڪيئن هڪ سادي ڳالهه کي ٽوڙي مروڙي سنسني خيز خبر بڻايو وڃي ٿو.فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي اداڪارا مبالغي سان پيش ڪيل خبرن تي طنزيه ردعمل ڏيندي انسٽا اسٽوري شيئر ڪئي.نازش جهانگير پنهنجي لفظن کي سياق ۽ سباق کان هٽي ڪري پيش ڪرڻ ۽ ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ سرخين کي نئين انداز ۾ پيش ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.اداڪارا طنزيه انداز ۾ لکيو ته ”مان بل گيٽس جي ڌيءَ آهيان، اهو ته نه ٻڌايو اٿوَ.“ ان کانپوءِ پنهنجي ناراضگي جو سبب ٻڌائيندي هن لکيو ته ”اهو ئي سبب آهي جو مون کي هن ملڪ ۾ انٽرويو ڏيڻ بلڪل پسند ناهي. ماڻهو هڪ سادي ڳالهه کي ڪيئن ٽوڙي مروڙي پيش ڪن ٿا، ان کي مڪمل طور سياق ۽ سباق کان هٽي اهڙي انداز ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو، جنهن جو مقصد ئي ڪجهه ٻيو هو. اداڪارا وڌيڪ لکيو ته پنهنجي ڪهاڻي پاڻ ٺاهڻ کان اڳ مڪمل ڳالهه ڄاڻڻ گهرجي، هر ڳالهه کي رڳو سرخي ٺاهڻ لاءِ سنسني خيز بڻائڻ جي ضرورت ناهي.واضح رهي ته نازش جهانگير جو اهو ردعمل سندس تازي انٽرويو کانپوءِ سامهون آيو، جنهن ۾ هن رشتن ۽ پنهنجي ممڪن زندگي جي ساٿي بابت ترجيحن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. سندس بيانن جا مختصر حصا سوشل ميڊيا ۽ شوبز پليٽ فارمن تي تيزي سان گردش ڪرڻ لڳا هئا. انٽرويو دوران اداڪارا کان پڇيو ويو ته هوءَ ڪهڙي قسم جي شخص سان شادي ڪرڻ چاهيندي؟ جنهن تي نازش جهانگير کلي جواب ڏيندي چيو ته هوءَ اهڙي شخص کي ترجيح ڏيندي، جنهن جي شخصيت سندس شخصيت سان ملي ٿي، جنهن سان هوءَ کلندي، زندگيءَ مان لطف اندوز ٿيندي ۽ هڪ مضبوط تعلق قائم ڪري سگهي. ڳالهه ٻولهه دوران موضوع دل ٽٽڻ جي تجربي ڏانهن به ويو، جتي نازش کان پڇيو ويو ته ڇا هوءَ اهڙي شخص سان شادي ڪرڻ تي غور ڪندي، جيڪو ماضي ۾ جذباتي صدمو يا دل شڪستگي برداشت ڪري چڪو هجي؟ ان تي اداڪارا ان کي مسئلو سمجهڻ بدران مثبت انداز ۾ جواب ڏيندي چيو ته هوءَ اهڙي شخصيت بڻجڻ چاهيندي، جيڪا پنهنجي مستقبل جي زندگيءَ جي ساٿي کي ماضي جي ڏک مان نڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي. نازش جهانگير پاران ڪنهن جي ”ٽٽل دل کي ٺيڪ ڪرڻ“ يا کيس جذباتي طور سنڀالڻ جي خواهش جي اظهار کي بعد ۾ مختلف آن لائين پوسٽن ۽ خبرن ۾ مختلف انداز سان اجاگر ڪيو ويو.










