ايمان ۽ هادي  جي ضمانت درخواستن تي ٻڌڻي 17 آڪٽوبر تائين ملتوي

ايمان ۽ هادي جي ضمانت درخواستن تي ٻڌڻي 17 آڪٽوبر تائين ملتوي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)دهشتگردي ٽوڙ عدالت احتجاج، دهشتگردي ۽ قلم 144 جي ڀڃڪڙي واري ڪيس ۾ ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا جي ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي 17 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر هڪ جي ڊيوٽي جج طاهر عباس سپرا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جج ريمارڪس ڏنا ته ضمانت وارين درخواستن جي ٻڌڻي ابوالحسنات صاحب ئي ڪندا. هن پڇاڻو ڪيو ته ڇا ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا سان ڪالهه ملاقات ٿي هئي؟ان موقعي تي شيرين مزاري چيو ته کين تمام گهڻو تنگ ڪرڻ کانپوءِ ملاقات ڪرائي ويندي آهي. ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيل رياست آزاد عدالت کي درخواست ڪئي ته ڪيس جي ٻڌڻي پرينهن تائين مقرر ڪئي وڃي. جج طاهر عباس سپرا چيو ته لاڳاپيل جج پرينهن عدالت نه ايندو، ڇاڪاڻ ته سندس لاڏاڻو ٿي ويو آهي. ان تي وڪيل چيو ته عدالت وڪيلن کي ايتري رعايت ڏئي، جيئن اهي عدليا سان گڏ بيهي سگهن. جج چيو ته لاڳاپيل جج 19 آڪٽوبر تي واپس اچي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو. ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا جي وڪيلن ٻڌڻي 15 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي، پر عدالت ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي 17 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو