هنگور آبدوز جو لائيو هٿيارن جي فائرنگ جو ڪامياب تجربو

هنگور آبدوز جو لائيو هٿيارن جي فائرنگ جو ڪامياب تجربو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪ بحريه جي پهرين هنگور ڪلاس آبدوز عربي سمنڊ ۾ پهرين لائيو هٿيارن جي فائرنگ جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو.
انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) آچر ڏينهن ٻڌايو ته هنگور ڪلاس آبدوز جون ۾ ڪراچي بندرگاهه تي پهتي هئي، جيڪا پاڪستان ۽ چين وچ ۾ وڌندڙ اسٽريٽجڪ دفاعي سهڪار جي عڪاسي ڪري ٿي.
آءِ ايس پي آر ان فائرنگ کي ”آپريشنل تياريءَ جو هڪ اهم مظاهرو“ قرار ڏيندي چيو ته تازو پاڪ بحريه ۾ شامل ڪيل پي اين ايس/ايم هنگور هٿيارن جي فائرنگ واري مشق دوران ”اينٽي شپ ڪروز ميزائل ذريعي مقرر ڪيل ڊگهي فاصلي واري هدف کي درست نشانو بڻايو“.
پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف فائرنگ جو مشاهدو ڪيو ۽ آبدوز جي جنگي صلاحيت کي ساراهيندي ”قابلِ اعتماد سامونڊي دفاع لاءِ پاڻيءَ جي اندر جنگي صلاحيتن کي وڌائڻ جي اسٽريٽجڪ اهميت“ تي زور ڏنو.
آءِ ايس پي آر چيو ته ”هي اهم سنگِ ميل قومي سامونڊي سرحدن ۽ علائقائي امن جي تحفظ لاءِ جديد ۽ جنگ لاءِ تيار فورس برقرار رکڻ بابت پاڪ بحريه جي عزم کي اجاگر ڪري ٿو.“
پاڪ بحريه مجموعي طور اٺ هنگور ڪلاس آبدوزون پنهنجي بحري ٻيڙي ۾ شامل ڪرڻ واري آهي.
هنگور ڪلاس آبدوزون جديد جنگي نظام، جديد سينسرز، ايئر انڊيپينڊنٽ پروپلشن (اي آءِ پي) ٽيڪنالاجي ۽ وڌيڪ بهتر ڳجهي حرڪت واريون صلاحيتون رکن ٿيون، جيڪي پاڪ بحريه جي جنگي صلاحيت ۾ نمايان اضافو ڪنديون.
”هنگور“ نالو پاڪستان جي بحري تاريخ ۾ خاص اهميت رکي ٿو. اهو 1971ع جي پاڪستان-ڀارت جنگ سان لاڳاپيل آهي، جنهن دوران ان وقت جي پي اين ايس هنگور ٻي عالمي جنگ کان پوءِ ڪنهن جنگي جهاز کي غرق ڪندڙ پهرين آبدوز بڻجي وئي هئي، جڏهن ان ڀارتي فريگيٽ آءِ اين ايس خوڪري کي غرق ڪيو هو.
نئين آبدوزن مان پهرين آبدوز اپريل 2024ع ۾ چين ۾ پاڻيءَ ۾ لاٿي وئي هئي، جڏهن ته ٻي، ٽين ۽ چوٿين آبدوز ترتيبوار 15 مارچ، 15 آگسٽ ۽ 17 ڊسمبر 2025ع تي لانچ ڪيون ويون هيون.
هي آبدوز گهڻو وقت پاڻي اندر رهي دشمن جي ٽارگيٽ کي ڪاميابي سان نشانو بڻائي سگهي ٿي. هي دشمن جي جاسوسي نظام کي دوکو ڏئي پاڻ کي بچائي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو