لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان هاڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان خالد محمود ڊگهي عرصي تائين بيمار رهڻ کانپوءِ 84 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويا آهن.سندس پٽ موجب، مرحوم جي جنازي نماز اڄ فيصل آباد ۾ ادا ڪئي ويندي.28 ڊسمبر 1941ع تي جهلم ۾ پيدا ٿيندڙ خالد محمود پاڪستان جي انهن ڪامياب هاڪي ٽيمن جو حصو رهيا جن ملڪ لاءِ عالمي ۽ ايشيائي سطح تي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون.هو ان ٽيم جو حصو هئا جنهن 1964ع جي ٽوڪيو اولمپڪس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، جتي قومي ٽيم چانديءَ جو تمغو (سلور ميڊل) کٽيو. خالد محمود قومي ٽيم لاءِ ’رائٽ آئوٽ‘ (right-out) جي پوزيشن تي کيڏندا هئا.هنن 1966ع جي ايشيائي راندين ۾ پڻ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، جتي قومي هاڪي ٽيم هڪ ڀيرو ٻيهر چانديءَ جو تمغو حاصل ڪيو.1966ع جي ايشيائي راندين کان ٻه سال پوءِ، خالد محمود کي هڪ ڀيرو ٻيهر قومي ٽيم لاءِ چونڊيو ويو. پاڪستان 1968ع جي ميڪسيڪو اولمپڪس ۾ سون جو تمغو (گولڊ ميڊل) کٽيو، ۽ خالد محمود ان ڪامياب ٽيم جو حصو هئا.پاڪستان هاڪي ٽيم جي ڪاميابين جو سلسلو اتي نه رڪيو؛ خالد محمود 1970ع جي بئنڪاڪ ايشيائي راندين ۾ به قومي ٽيم جو حصو هئا، جتي پاڪستان سون جو تمغو حاصل ڪيو.ان ريت، خالد محمود پاڪستان جي انهن قومي هاڪي ٽيمن جا ميمبر رهيا جن 1964ع جي ٽوڪيو اولمپڪس ۽ 1966ع جي ايشيائي راندين ۾ چانديءَ جو تمغو، ۽ ان سان گڏوگڏ 1968ع جي ميڪسيڪو اولمپڪس ۽ 1970ع جي بئنڪاڪ ايشيائي راندين ۾ سون جو تمغو کٽيو.










