ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان اڪيڊمي سليڪشن ڪميٽي فلم ساز محمد علي نقوي جي دستاويزي فلم ’هينگنگ باءِ اي وائر‘ کي آسڪر 2027 لاءِ پاڪستان جي نمائندگي لاءِ چونڊي ورتو. پاڪستان اڪيڊمي سليڪشن ڪميٽي جي ڊپٽي چيئرپرسن ثناءَ زهره جعفري ڪينيڊا ۾ منعقد موزيڪ انٽرنيشنل فلم فيسٽيول (MISAFF) دوران فلم جي پريميئر جي موقعي تي چونڊ جو اعلان ڪيو.ڪميٽي موجب دستاويزي فلم کي اڪيڊمي ايوارڊز جي بهترين بين الاقوامي فيچر فلم واري ڪيٽيگري لاءِ چونڊيو ويو آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن دستاويزي فلم کي هن ڪيٽيگري ۾ ملڪ جي نمائندگي لاءِ چونڊيو ويو آهي.’هينگنگ باءِ اي وائر‘ آگسٽ 2023ع ۾ خيبرپختونخوا جي علائقي بٽگرام ۾ پيش آيل ڪيبل ڪار حادثي جي ڪهاڻي تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ 6 اسڪولي شاگردن سميت 8 ڄڻا درياهه جهانيگري کان لڳ ڀڳ 600 فوٽ اوچائي تي ڪيبل ڪار ۾ ڦاسي پيا هئا. حادثي کانپوءِ وڏي پيماني تي ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو، جنهن دوران پاڪ فوج جي اهلڪارن هيليڪاپٽر ذريعي هڪ شخص کي محفوظ طريقي سان ٻاهر ڪڍيو، جڏهن ته باقي 7 ڄڻن کي بچائڻ لاءِ زپ لائن ماهرن علي سواتي ۽ صاحب خان جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. تقريبن 12 ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ انتهائي ڏکئي ريسڪيو آپريشن کانپوءِ سڀني 8 ڄڻن کي بحفاظت ٻاهر ڪڍيو ويو. فلم جي لکڻي ۽ هدايتڪاري محمد علي نقوي ڪئي آهي، جڏهن ته بلال سميع ان جو پروڊيوسر آهي. دستاويزي فلم ۾ واقعي جي اکين ڏٺن شاهدن پاران ٺاهيل وڊيوز، بچي ويل ماڻهن جا بيان ۽ سئنيماٽڪ انداز ۾ ٻيهر عڪسبندي شامل آهي. فلم جو عالمي پريميئر 2026ع جي سنڊانس فلم فيسٽيول ۾ ورلڊ سئنيما ڊاڪيومينٽري مقابلي ۾ ٿيو، جنهن کانپوءِ ان کي 2026ع جي وچ ڌاري ٽرائيبيڪا فلم فيسٽيول ۾ پڻ پيش ڪيو ويو. دستاويزي فلم کي پاڪستان ۾ هن سال رليز ڪرڻ جي اميد آهي، جڏهن ته رليز جي حتمي تاريخ جو اعلان اڃا تائين ناهي ڪيو ويو.










