ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا جيا بچن انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن هن پهريون ڀيرو اميتاڀ بچن کي ڏٺو هو ته کيس خطري جو احساس ٿيو هو. جيا بچن ۽ اميتاڀ بچن جي شادي 1973ع ۾ ٿي هئي ۽ ٻنهي کي گڏيل ازدواجي زندگي گذاريندي پنج ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. هڪ انٽرويو ۾ جيا بچن ٻڌايو ته اميتاڀ شروعاتي ڏينهن ۾ گهٽ ڳالهائيندڙ ۽ حد کان وڌيڪ حساس طبيعت جو مالڪ هو، جنهن سبب کيس سمجهڻ آسان نه هو. هن ٻڌايو ته اميتاڀ کي پهريون ڀيرو پوني جي فلم اينڊ ٽيليويزن انسٽيٽيوٽ آف انڊيا ۾ پڙهائيءَ دوران ڏٺو هئائين. بعد ۾ فلمساز هري ڪيش مکرجيءَ جي فلم ’گڊي‘ جي سلسلي ۾ ٻنهي جي ملاقات ٿي، جنهن ۾ شروعاتي طور اميتاڀ کي به ڪاسٽ ڪيو ويو هو، پر پوءِ کيس فلم مان ڌار ڪيو ويو. جيا بچن موجب اميتاڀ جي ماڻهن ڏانهن مسلسل گهورڻ واري عادت کيس عجيب لڳندي هئي. هوءَ سوچيندي هئي ته هي شخص ڪيترو عجيب آهي، جيڪو ماڻهن کي اهڙي نموني ڏسي ٿو. بعد ۾ کيس احساس ٿيو ته اميتاڀ ڄاڻي واڻي ائين نه ڪندو هو، پر کيس اندازو ئي نه هوندو هو ته سندس اهڙي رويي جو ٻين تي ڪهڙو اثر پوي ٿو. اداڪارا ٻڌايو ته اميتاڀ اهو واحد شخص هو، جيڪو سندس فيصلن تي اثرانداز ٿي سگهندو هو. هن موجب اميتاڀ کيس سڌيءَ ريت ڪو حڪم نه ڏيندو هو، پر جيڪڏهن هو نرميءَ سان به ڪا ڳالهه چوندو هو ته هوءَ ان تي عمل ڪندي هئي، ڇاڪاڻ ته هوءَ کيس خوش رکڻ چاهيندي هئي.جيا بچن اميتاڀ کي هڪ ڏکيو دوست قرار ڏيندي چيو ته هن ڪڏهن به کيس باقاعدي شاديءَ جي آڇ نه ڪئي، جنهن سبب هوءَ ڊگهي عرصي تائين سندس جذبن بابت غيريقينيءَ جو شڪار رهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اميتاڀ هڪ ڀيرو سندس گريجوئيشن تقريب ۾ شرڪت لاءِ ممبئيءَ کان پوني تائين پنج ڪلاڪ گاڏي هلائي آيو هو، جنهن کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو. اميتاڀ کيس اڪثر ڪانجيورم جون ساڙهيون به تحفي ۾ ڏيندو هو، ڇاڪاڻ ته سندس خيال هو ته اهي جيا تي سٺيون لڳنديون هيون.










