فاطمه ثنا جو بگ بيش ليگ لاءِ پرٿ اسڪارچرز سان معاهدو

فاطمه ثنا جو بگ بيش ليگ لاءِ پرٿ اسڪارچرز سان معاهدو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان فاطمه ثناء سان وومينز بگ بيش ليگ لاءِ معاهدو ٿي ويو، جنهن کانپوءِ پرٿ اسڪارچرز کيس پنهنجي اسڪواڊ ۾ شامل ڪري ورتو.فاطمه ثناء پهريون ڀيرو وومينز بگ بيش ليگ ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندي، جڏهن ته ندا ڊار کانپوءِ هوءَ اها ليگ کيڏندڙ ٻي پاڪستاني وومين ڪرڪيٽر بڻجي ويندي. فاطمه ثناء هلندڙ سال دي هنڊريڊ ۽ ڪينيڊا سپر 60 ٽورنامينٽ کيڏندڙ پهرين پاڪستاني وومين ڪرڪيٽر پڻ بڻجي چڪي آهي. وومينز بگ بيش ليگ جو نئون سيزن 29 آڪٽوبر کان شروع ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو