فيشن ڊزائنر ايڇ ايس واءِ هڪ سال نابين ڪيئن رهيو؟

فيشن ڊزائنر ايڇ ايس واءِ هڪ سال نابين ڪيئن رهيو؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني فيشن انڊسٽري جي مشهور ڊزائنر ۽ اداڪار حسن شهريار ياسين، جيڪو ايڇ ايس واءِ جي نالي سان مشهور آهي، انڪشاف ڪيو آهي ته هو ٻنهي اکين جي نظر کان محروم ٿي ويو هو.
هن ٻڌايو ته هو لڳ ڀڳ هڪ سال تائين ٻنهي اکين جي نظر کان مڪمل طور محروم رهيو.
هڪ تازي انٽرويو ۾ فيشن ڊزائنر ۽ اداڪار ٻڌايو ته ان تجربي کيس شديد ذهني دٻاءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ زندگي کي ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو سندس انداز به تبديل ٿي ويو.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن ان واقعي بابت ٻڌايو، جنهن سبب هو نظر کان محروم ٿيو هو.
هن ٻڌايو ته رمضان جا ڏينهن هئا. هو پنهنجي هڪ دوست سان گڏ افطاري لاءِ کاڌو وٺڻ ويو. واپسي تي گاڏي سندس دوست هلائي رهيو هو ته ان دوران اذان ٿي وئي. هن کاڌي وارو ٿيلهو کوليو ته ان مان ايتري ٻاڦ نڪتي جو هر شيءِ ڌنڌلي نظر اچڻ لڳي.
جيستائين سندس دوست گاڏي جا شيشا صاف ڪري، تيستائين گاڏي روڊ تان لهي ڪنهن شيءِ سان ٽڪرائجي چڪي هئي ۽ هو ونڊ اسڪرين سان وڃي ٽڪرايو. هن حادثي جي نتيجي ۾ سندس ٻنهي اکين جي نظر هلي وئي.
ايڇ ايس واءِ چيو ته اوچتو نظر کان محرومي سندس زندگي تي گهرو اثر وڌو ۽ نظر ختم ٿيڻ کانپوءِ کيس پنهنجي ٻين حواسن تي وڌيڪ ڀاڙڻو پيو.
هن ٻڌايو ته جڏهن ڪنهن شخص جون اکيون ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿيون ته سندس ٻيا حواس وڌيڪ تيز ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته هو چار ڪمرن جي فاصلي تان پنهنجي والده کي روئيندي اهڙيءَ طرح ٻڌي وٺندو هو، ڄڻ هوءَ بلڪل سندس ڀرسان هجي.
فيشن ڊزائنر ٻڌايو ته لڳ ڀڳ هڪ سال تائين سندس نظر متاثر رهي، جنهن کانپوءِ هن علاج ڪرايو. سندس ڪيتريون ئي سرجريون ٿيون ۽ بعد ۾ سندس نظر واپس اچي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو