(ڪاوش نيوز) پاڪستان وائيٽ بال ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن چيو آهي ته صاحبزاده فرحان ۾ راند کي سمجهڻ جي سٺي صلاحيت موجود آهي ۽ ڪپتانيءَ سان سندس صلاحيتن ۾ وڌيڪ نکار ايندو.ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مائيڪ هيسن چيو ته پاڪستان ٽي ٽوئنٽي سيريز دوران ڪيترائي تجربا ڪيا ۽ بهترين ڪرڪيٽ کيڏي. هن چيو ته پاڪستان گذريل 18 مهينن کان لڳاتار هر ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي ون ڊي اسڪواڊ به گذريل ڪجهه عرصي دوران پنهنجي راند ۾ بهتري ڏيکاري آهي. مائيڪ هيسن جو چوڻ هو ته انگلينڊ عالمي نمبر ون ٽيم آهي، تنهن ڪري ٽه ملڪي سيريز پاڪستان لاءِ هڪ وڏو چئلينج هوندي. هن چيو ته صاحبزاده فرحان ڪپتانيءَ جي ذميواريءَ مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي. ڪوچ موجب، گذريل ڪجهه عرصي دوران پاڪستان جي ڪاميابين ۾ مڊل آرڊر بيٽرن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست بابت ڳالهائيندي مائيڪ هيسن چيو ته ميچ دوران پاڪستان جي بالنگ سٺي نه رهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستاني ڪرڪيٽ هميشه تيز رفتار فاسٽ بالر پيدا ڪرڻ سبب سڃاتي ويندي رهي آهي، جڏهن ته شان ٽيٽ پاڪستاني فاسٽ بالرن سان گڏ ڪم ڪندو.










